سنڌ سرڪار پاران آرڊيننس رد، پي ٽي آءِ ڪشمير جهڙو قدم کنيو آهي: بلاول

ڪراچي(رپورٽر) پ پ صدارتي آرڊيننس ذريعي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي جي مخالفت ڪري ڇڏي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ صدارتي آرڊيننس جي مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪندي سوال ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي سنڌ جي ٻيٽن  بابت الحاق ۽ مودي جي والاريل ڪشمير ۾ قدمن ۾ ڪهڙو فرق آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي غيرقانوني الحاق جي مخالفت ڪئي ويندي، هن چيو ته سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ به ان آرڊيننس جي مخالفت ڪنداسين، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اينٽي ڪرپشن ۽ صنعت کاتي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو بلاول هائوس ۾  ڌار ڌار ملاقاتون ڪري سنڌ جي انتظامي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون، وڏي وزير ۽ صوبائي وزير پ پ چيئرمين کي سنڌ سرڪار ۽ وفاق جي معاملن، ڪرپشن ۽ سياسي معاملن تي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبائي حڪومتن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته انهن کان بهتر آهي، هن چيو ته اي پي سي، پي ڊي ايم کانپوءِ آصف زرداري جون عدالتن ۾ پيشيون وڌي ويون آهن، سنڌ جي ڪيسن جي پنڊي ۾ پيشيون نه رڳو غيرآئيني بلڪه خطري واريون به آهن، هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي حڪومتن کي صحت جي شعبي ۾ سنڌ جي ترقي جي راهه اختيارڪرڻ گهرجي، پ پ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کاتي جي صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ سخت قدم کنيا وڃن.ٻئي طرف پ پ سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهه صدارتي آرڊيننس تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ٻيٽن تي آرڊيننس ذريعي قبضي کي رد ڪيون ٿا، پ پ چيئرمين اڳ ئي اهڙي آرڊيننس جي مخالفت ڪري چڪو آهي، هن چيو ته پ پ صوبائي خودمختياري تي يقين رکي ٿي، ڪنهن به صوبي تي وفاقي قبضي جي مخالفت ڪئي ويندي، هن چيو ته سينيٽ، قومي ۽ سنڌ اسيمبلي سميت هرفورم تي ان آرڊيننس جي مخالفت ڪئي ويندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي آرڊيننس کي اسان 18 هين ترميم تي حملو تصور ڪيون ٿا، پ پ سميت سموريون پارٽيون ۽ جمهوري فهم رکندڙ آرڊيننس کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا.هن چيو ته وزيراعظم جو سنڌ جي عوام کي ڪراچي جي ترقي ۾ رڪاوٽ قرار ڏيڻ لسانيت کي هٿي ڏيڻ برابر آهي، اهو بيان الطاف حسين جي بيان کان مختلف نه آهي، بدقسمتي سان لسانيت پسند سوچ وارو ملڪ جو وزيراعظم آهي،هوڏانهن سنڌ سرڪار پاڪستان آئس لينڊ ڊولپمنيٽ اٿارٽي واري صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ڪنهن به آرڊيننس ذريعي سنڌ جي زمين تي قبضو نه ڪري سگهجي، هن چيو ته آئلينڊ جي زمين سنڌ جي  آهي، ان تي سنڌ جي عوام جو حق آهي، اسان اهڙي ڪنهن به انتظام ۽ ترقي رد ڪيون ٿا جيڪي مقامي ماڻهن جي حقن جي لتاڙ ڪندا هجن، هن چيو ته ٻيٽن تي مقامي مهاڻن ۽ ٻين آبادين جو حق آهي، صدارتي آرڊيننس صوبائي خودمختياري ۽  مقامي ماڻهن جي حقن جي لتاڙ جي برابر آهي. صوبائي وزير وفاقي  سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته آرڊيننس فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.