ڀان ۾ ڪاڇي واسي جو بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ ڪاڇي واسي ڳوٺاڻي جو بااثر خلاف احتجاج، ڪاڇي جي ڳوٺ حمزو خان شاهاڻي جي رهواسي ڳوٺاڻي عبدالڪريم شاهاڻي پريس ڪلب ڀان سيدآباد پهچي بااثر شخص جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن دانهيندي الزام هنيو ته بااثر شخص اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هو هر روز اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ٿو، هن چيو ته منهنجي ڀائرن ۽ سئوٽن قربان، مولابخش، رمضان، پير محمد ۽ مختيار خلاف 2 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا، جيڪي ڪوڙا ثابت ٿيا ته وري هاڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪوڙو ڪيس خارج ڪري بااثر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.