اسلام آباد ۾ مفادن جي ٽڪراءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته وفاقي راڄڌاني ۾ مفادن جي ٽڪراءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله اسلام آباد جي مختلف سيڪٽرز ۾ ايڪوائرز زمينن جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت خاص مددگار علي اعواڻ کي هدايت ڪئي ته متاثرن کي معاوضو ڏيڻ وارن معاملن کي ايگزيڪٽو ڏسي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي کان اسلام آباد جي متاثرن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ منع نامي جي باوجود پلاٽس جي الاٽمنٽ جاري رهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو.

عدالت خاص مددگار کي چيو ته اسان منع نامو ڏنو پوءِ به پلاٽ ڇو الاٽ ڪيا ويا؟ جيستائين آخري متاثر شخص کي معاوضو نه ملندو تيستائين ڪنهن کي به پلاٽ الاٽ نه ٿيندو، نيب جي سلطاني شاهد بڻجندڙن کي به پلاٽ الاٽ ڪيا ويا، جيتري ناانصافي هتي آهي ڪنهن ٻي جاءِ تي ناهي، هتي قبضو ٿي رهيو آهي ڪرائم وڌي رهيا آهن، مفادن جي ٽڪراءَ کان سواءِ اسلام آباد ۾ آهي يا ڪجهه نه، روينيو آفيسر پاڻ پلاٽ خريد رهيو هوندو آهي جيڪڏهن هن جو پنهنجو مفاد نه هجي ته هو سٺي طريقي سان ڪم ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.