اسڪارپ خيرپور جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ انجنيئر آفيسن مان گم

خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال ) اسڪارپ خيرپور جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ انجنيئر پنهنجي آفيسن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي،جنهن ڪري ريٽائرڊ ٿيل ملازمن جا ڪاغذات رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن.جنهن عمل خلاف ريٽائرڊ ملازمن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي آفيس  جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پي ڊي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،جنهن جي اڳواڻي علي بخش مري، بهادر شيخ ۽ ٻيا پڻ ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته اسڪارپ واپڊا ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ اچي ٿي جيڪا هڙپ ڪئي ٿي وڃي اسان کي هڪ سال گذري چڪو آهي جو اسان ريٽائرڊ ٿيا آهيون اسان کي پينشن جا ڪاغذات ڪميوٽيشن،گرجيويٽي ۽ بينيول فنڊ جا ڪاغذ انجينئرن ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي ٽيبل تي پيا آهن پر اهي انهن ڪاغذن تي صحيح نه ٿا ڪن جو اسان کي پنهنجو حق ملي سگهي .هنن الزام مڙهيندي چيو ته ڪنسرڊ ڪلارڪ  في ڪيس جو هڪ لک روپيه رشوت گهر رهيا آهن اسان جي ٻچا فاڪاڪشي ڪٽڻ تي مجبور آهن اسان کي ٻچن جي کائڻ جي لاءِ ڪجهه به نه آهي هنن سيڪريٽري ايريگيشن ۽ چيف انجينئر کان گهر ڪئي آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ اسان پاڻ کي پي ڊي آفيس جي اڳيان باهه ڏئي ساڙينداسين .جنهن جي ذميواري پي ڊي ۽ اسڪارپ واپڊا جي آفيسرن تي هوندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.