ڇا وري ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوندو!

امتياز چانڊيو

آگسٽ جو سڄو مهينو زوردار برساتن جا وسڪارا هلندا رهيا، جن شهرن، ڳوٺن، ٿر، ڪاڇي، جهر ۽ جهنگ کي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو، ڳوٺن جا ڳوٺ مڪمل ٻڏي ويا، جن ڪاڇي واسين مهينن تائين پاڻيءَ جي کوٽ خلاف جوهيءَ سميت ٻين شهرن ۾ پئي احتجاج ڪيو، اهي به برسات کان پوءِ پاڻي مان ايترو ته اچي ڦاٿا جو سڄو ڪاڇو پاڻي سان ڀرجي ويو ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجن، ٻچن ۽ پنهنجن جانورن جون زندگيون بچائڻ به مشڪل بڻجي ويو، ميدان ۽ ڳوٺ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن وڻن تي چڙهي پنهنجون زندگيون بچايون. ايتري قدر جو ٿر جا ڏڪار سٽيل ماڻهو به برسات مان تنگ ٿي پيا، بهرحال قدرت جي آيل مصيبت سمجهي سنڌ جي ماڻهن ڪورونا کي به منهن ڏنو ۽ برساتن کي به منهن ڏئي وري ان شعر جيان ته:

“ياد ماضي دل نه ڪر، جيڪو ٿيو سان خوب ٿيو”

ماضيءَ کي وساري وري نئين زندگيءَ ڏانهن روان دوان ٿيا ئي مس آهن ته وري هڪ نئين مصيبت جو خوف ماڻهن کي وڪوڙيو ويٺو آهي، ٻڌون پيا ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ پئي اچي، ٻوڏ لفظ کان سنڌ جا ماڻهو سچ ته ائين ڊڄن ٿا، جيئن ڪانءُ گليل کان ڊڄندو آهي، ڇو ته سال 2010 ۾ آيل ٻوڏ جون تباهڪاريون اڃا تائين سنڌ واسين کان وسريون ناهن، ان درياهي ٻوڏ خاص طور تي اتر سنڌ کي صفا تباهه ڪري ڇڏيو هو، چڱن ڀلن شهرن ۽ ڳوٺن جا نقشا ئي تبديل ٿي ويا هئا، 2010 ۾ ميهڙ تعلقي جي فريد آباد لڳ سپريو بند جڏهن پاڻي جو دٻاءَ نه سهندي ٽٽي پيو هو ته ان ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقي کي تمام وڏو نقصان پهچايو هو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي پناهه لاءِ پئي تڙپيا، ڪڏهن ڪڏهن اهي ڏينهن ياد ڪري دل اداس ٿي ويندي آهي، اهي منظر جن ۾ ماڻهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ٻارن ٻچن سميت ٽرڪن ۾ چڙهي حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي جو رخ ڪيو هو ۽ رستي ۾ بک ۽ اڃ ۾ سندن معصوم گلڙن جهڙا ٻارڙا موت جي منهن ۾ هليا ويا هئا.

اهي اڃا وسريا ئي ناهن، ٻوڏ ۾ ڳوٺ ائين خالي ٿيا هئا، ڄڻ انهن ۾ راڪاس گهمي ويو هجي، ماڻهن گهرن جي ڇتن تي مهينن تائين رهائش اختيار ڪري زندگي بچائي هئي، هن وقت جڏهن درياهه ۾ مسلسل چاڙهه اچي رهيو آهي ۽ لڳ ڀڳ سڄو ڪچو ته ٻڏي چڪو آهي، پر هاڻي پاڻيءَ جي وهڪرن درياهه جي ڪنارن تي اچي دٻاءُ وڌو آهي، سکر کان ته عوامي آواز جو رپورٽر اختيار چنا روزاني جي رپورٽ ڏئي رهيو آهي، پر ڏوڪريءَ جي هڪ صحافي لکيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ هر منٽ منٽ ۾ پاڻيءَ ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ ٻلھڙيجي ۽ محبڻ پتڻ وٽان ڪپرن ۽ زمين کي پاڻي پائڻ لڳو آهي، ٻلهڙيجي، گاجيديرو، اعواڻ، ڪاراڻي، ويهڙ، حسن واهڻ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه تعلقي لڳ درياهه جي بندن جي حالت به اڳ ئي خراب آهي، برساتن بندن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ضروري مرمت نه ٿيڻ ڪري، اهي بند پاڻيءَ جي ڪنهن وڏي ريلي جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي چڪا آهن، لاڙڪاڻي کان وٺي ڄامشورو تائين ڪچي واري علائقي جا لکين ماڻهو ٻوڏ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لکين ايڪڙن تي بيٺل ماڻهن جو فصل به پاڻيءَ هيٺ اچي چڪو آهي.

هڪڙو ته قدرتي آفتن ته نقصان ڏنو ئي ڏنو آهي، پر جيڪو هتي هر شعبي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن نقصان ڏنو آهي، اهو به گهٽ ناهي، اهڙو ڪو به ادارو ناهي، جنهن ۾ ڪرپشن نه ٿيندي هجي، ٻيو ته ڇڏيو پر مصبت جي ماريل ماڻهن جي مدد لاءِ جوڙيل ادارن ۾ به ڪرپشن جي حد ٿي وئي، ڪاڇي ۾ جڏهن برساتي ٻوڏ آئي ته اسان جي هڪ اتان جي سينيئر صحافي لکيو ته متاثر ماڻهن جي ايندڙ امدادي سامان جي جيئن ئي ٽرڪ پهچندي هئي ته ان کان اڳ اتي ڪرولا گاڏين جون قطارون بيٺل هونديون هيون، متاثرن جي مدد ڪرڻ بجاءِ انهن گاڏين ۾ سامان ڀري اڻڄاتل هنڌ نيو ويندو هو. هڪڙي پاسي اهو رويو آهي ته ٻئي پاسي ماڻهو بندن تي ويهي لاچاري ۽ بي وسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ته وري آبپاشي کاتي ۾ به رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن، نالن ۽ واهن جي کاٽين ۽ بندن کي پڪو ڪرڻ وارا پيسا به ائين هڙپ ڪيا وڃن ٿا، ڄڻ لاڳاپيل آفيسرن جو ڪو حڪومت ڏانهن قرض رهيل هو، جيڪو کين ملي ويو هجي، اهڙي رويي سڄي آبپاشي جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال وارن نالن جي صفائي نه ڪرائڻ سبب شهرن کي برساتن ٻوڙي ڇڏيو آهي، ماڻهن جي بيڊ رومن ۾ پاڻي پهچي ويو، فرنيچر تباهه ٿيڻ ڪري ماڻهن کي وڏونقصان پهتو، گهرن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻيڙيون هلايون ويون، پر ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي.

ڪورونا، برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي هن وقت واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن مشڪل وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا واري وقت جيان رڳو نادر شاهي حڪم هلائي ماڻهن کي لٺيون هڻي گهرن ۾ قيد ڪري ننڌڻڪو ڇڏي ماڻهن کي بچائي نٿو سگهجي. درياهه جي ڪمزور بندن کي مضبوط ڪري درياهي ٻوڏ واري ريليءَ کي خيرن سان سنڌ مان پار ڪرايو وڃي ته جيئن مٺي پاڻي لاءِ تڙپندڙ انڊس ڊيلٽا تائين به مٺو پاڻي پهچي ۽ اتان جي زندگي به ٻهڪي پوي، جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي هن مصيبت واري گهڙيءَ ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو ته تاريخ توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.