ڀان لڳ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، سئو کان وڌيڪ گهر پٽ، متاثر ڳوٺاڻن جو مطاهرو

ڀان سيدآباد (رپورٽ : آدم مينگل ) ڀان سيدآباد ويجهو ڇني ڀرسان آسپاس واقعي جوهي تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، ، ڪيترائي ماڻهو گهرن ۾ ڦاٿل آهن، ڳوٺ جان محمد رودناڻي، ڳوٺ سوري خان ، ڳوٺ ڏاتو خان رودناڻي ،ڳوٺ پريو خان  ڳوٺ نورمحمد  ڳوٺ ابراهيم شاهاڻي اٽڪل 100 کان مٿي ڳوٺ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، اناج ، چوپايو مال ، گهرن ۾ پيل قيمتي سامان ۽ بهه سميت الهه تلهه لڙهي ويو آهي، ضلعي  انتظاميا توڙي چونڊيل نمائنده متاثرن تائين خيما ۽ کاڌ خوراڪ  پهچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، متاثر ڳوٺاڻن حاجي عباس رودناڻي ، اسماعيل رودناڻي ، فقير ايوب چانڊيو ، نورمحمد ، رحيم خان، سوڀو خان، وزير، عبدالجبار، علي خان، اويس احمد، محمد عثمان، ۽ ٻين ڳوٺاڻن پاران چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا پاران سهائتا نه ڪرڻ خلاف چنڊڻ موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي دادو ، مختيار ڪار جوهي خلاف سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته  اسان جا هڪ سئو کان وڌيڪ گهر  پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ، اسان پنهنجا ٻار ٻچا ساڻ ڪري پنهنجو ساهه بچائي چنڊڻ موري تي رهيا ويٺا آهيون ،گذريل هڪ هفتي کان بک تي ويٺل آهيون ، ٻچا بکون کاٽڻ تي مجبور آهن ،  ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ  گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، جڏنهن ته اسان جو اناج چوپايو مال ۽ مال جو بهه به ۽ گهرن ۾ پيل سامان لڙهي ويو آهي، اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڊي سي دادو  طرفان اسان کي خيما به نه ڏنا ويا آهن، نه ئي راشن مليو آهي، جڏنهن ته گذريل هڪ هفتي کان نٺڻ اس تي ويٺا آهيون ، سخت گرمي سبب محصوم ٻارڙا بيمار ٿي ويا آهن ، هنن مطالبو ڪيو ته واهر ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.