پاڪ فوج ۾ پهريون ڀيرو عورت آفيسر جي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ميجر جنرل نگار جوهر هلال امتياز ملٽري کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي.

ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز موجب نگار جوهر پاڪ فوج جي پهرين عورت آفيسر آهي جنهن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننت جنرل نگار جوهر کي پاڪ فوج جي پهرين عورت سرجن جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر جو تعلق خيبرپختونخواهه جي ضعلي صوابي جي علائقي پنج پير سان آهي ۽ هو هن وقت راولپنڊي ۾ ملٽري اسپتال جي ڪمانڊٽ طور ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.