ميهڙ: پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ميهڙ: پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ميهڙ: پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ميهڙ ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

صحت کاتي جي ملازمن  پاران پي پي اي ڪٽ نه ملڻ، رسڪ الائونس ۽ عيد بونس سميت ٻيا مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي او پي ڊي جو ٻن ڪلاڪن تائين  بائيڪاٽ ڪري مختيار کوسو، زاهد مهيسر، واجد پنهيار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي گيٽ کان اسپتال جي مک گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي

ان موقعي تي ڊاڪٽرن جو  چوڻ هو ته ڊاڪٽر ۽ پئراميڊيڪل عملو  ڪرونا وائرس کي شخصت ڏيڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آھي پر افسوس جو انهن کي رسڪ الائونس سميت عيد الائونس نه پيو ڏنو وڃي

هنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو …….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.