ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 40 فوتگيون، مريضن جو انگ وڌي 2580 تي پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 40 ٿي ويو جڏهن ته وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 2580 تائين پهچي ويو آهي.

ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جي ڪري فوتگيون صوبي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيون.

صوبي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا وائرس جو شڪار بڻجي فوت ٿي ويا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ 2 مريض فوت ٿيا جون عمرون 80 ۽ 60 سال هيون جن جون اپريل تي ڪورونا وائرس واريون ٽيسٽون مثبت آيون هيون، ٻنهي ڄڻن ۾ وائرس مقامي سطح تي منتقل ٿيو.

بعد ۾ صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب حيدرآباد ۾ هڪ ٻي فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته 54 سالن جو مريض 3 اپريل تي ٽيسٽ مثبت اچڻ کان علاج هيٺ هو.

سندس چوڻ هو ته مريض نيورولوجيڪل مسئلن ۽ قوت مدافعت گهٽ هئڻ جي ڪري نه بچي سگهيو.

صحت واري وزير موجب صوبي ۾ هن وقت تائين موذي مرض جي ڪري لاڏاڻو ڪندڙن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.

خيبرپتونخواهه ۾ به 2 مريض فوت:

خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا جنهن جي تصديق صحت واري صوبائي وزير ڪئي.

صحت واري صوبائي وزير موجب سوات ۽ مانسهرن جا رهواسي 65 ۽ 46 سالن جا مريض وائرس جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتگين جو انگ 11 ٿي ويو آهي.

اڄ سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيل 5 فوتگين کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ فوت ٿيلن جو انگ 40 تائين پهچي ويو آهي.

ڪورونا وائرس جي ڪري هن وقت تائين سنڌ ۾ 14، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 11-11 جڏهن ته گلگت بلتستان 3 ۽ بلوچستان ۾ 1 فوتگي ٿي آهي.

ملڪ ۾ اڄ هن وقت تائين 181 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جنهن مان پنجاب ۾ 92، سنڌ ۾ 42، خيبرپختونخواهه ۾ 32، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ 6-6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 3  ڄڻا ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 14 تائين پهچي ويو.

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته ته فوت ٿيلن جون عمرون 80 ۽ 60 سال هيون جن جون اپريل تي ڪورونا وائرس واريون ٽيسٽون مثبت آيون هيون، ٻنهي ڄڻن ۾ وائرس مقامي سطح تي منتقل ٿيو.

سنڌ جي صحت واري کاتي جي سمري موجب صوبي ۾ هن وقت تائين 42 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 783 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي جي سمري موجب صوبي ۾ هن وقت تائين 42 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 783 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ وڌيڪ 18، سکر 8، حيدرآباد 14 ۽ گهوٽڪي ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

صحت کاتي موجب رڳو ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري ڪيسن جو انگ 342 آهي.

اسلام آباد:

اڄ اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن.

پورٽل موجب وفاقي راڄڌاني ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 68 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان:

اڄ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن جنهن موجب علائقي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 190 ٿي ويو آهي.

گلگت بلتستان جي حڪومت طرفان انهن ڪسين جي في الحال تصديق ناهي ڪئي وئي البت سڌُ سماءَ واري کاتي طرفان ڪورونا مان 8 ڄڻن جي صحتياب ٿيڻ جا اطلاع ڏنا ويا آهن.

پنجاب:

پنجاب ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 92 ڪيس سامهون آيا  جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 1012 ٿي ويو جنهن جي تصديق صوبائي ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي طرفان ڪئي وئي آهي.

پي ڊي ايم اي موجب رائيونڊ آئسوليشن ۾ 224، ڊي جي خان ۾ 213 زائرين، ملتان ۾ 91 زائرين ۽ فيصل آباد آئسوليشن ۾ 5 زائرين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهن.

ان کان سواءِ گجرانوالا 14، وهاڙي 8، ڊي جي خان 5، جهلم 28، سرگوڌا 10، حافظ آباد 5، لاهور 204، راولپنڊي 53، اٽڪ 1، قصور 1، رائيونڊ آئسوليشن 142، ملتان 2، ميانوالي 3، بهاولنگر 3، فيصل آباد آئسوليشن 5، منڊي بهاو الدين 14، ننڪانه صاحب 13، لوڌران 2، فيصل آباد 9، نارروال 2، خوشاب 1، ليا 1، گجرات 91، رحيم يار خان 3 جڏهن ته بهاولپور ۽ سيالڪوٽ ۾ 1-1 مريض آهن.

پي ڊي ايم اي موجب سڄي صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 6 مريض صحتياب ٿي چڪا آحن.

خيبرپختونخواهه:

خيبرپختونخواهه ۾ اڄ  وڌيڪ 2 ڄڻا ڪورونا وائرس جي فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ فوتگين جو انگ 11 ٿي ويو آهي.

صحت واري صوبائي وزير موجب سوات ۽ مانسهره جا 65 ۽ 45 سالن جا مريض وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا.

ٻئي پاسي صحت واري صوبائي وزير طرفان جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 32 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ متاثر مريضن جو انگ 343 تائين پهچي ويو آهي.

صحت واري صوبائي وزير طرفان جاري سمري موجب صوبي ۾ هن وقت تائين وائرس مان 30 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

بلوچستان:

بلوچستان ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 176 ٿي ويو آهي جڏهن ته صوبائي صحت واري کاتي گڏيل ڪيسن جي تصديق ڪئي.

صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي موجب 9 ڊاڪٽرن سميت 38 ڄڻن ۾ مقامي سطح تي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

هن ٻڌايو ته صوبي ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب هڪ فوتگي ٿي آهي جڏهن ته 19 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير اربع جي ڏينهن ڪورونا وائرس جا 3 ڪيس سامهون آيا جنهن کان ڪيسن جو گڏيل انگ 9 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير جي صحت واري وزير ڪيسن جي تصديق ڪئي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سردار خالد محمود ٻڌايو ته ڪورونا جي 2 مريضن جو تعلق ڀمڀر سان آهي جنهن مان هڪ 12 سالن جي ٻارڙي ۽ هڪ برطانيا مان آيل شهري وائرس ۾ مبتلا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.