ڀنگوبهڻ ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي، احتجاج

ڀنگو بهڻ (ن ع آ)ڀنگو بهڻ سان لاڳاپيل مختلف شھرن توڙي ڳوٺن حسين پاتو جلالجي پڪاچانگ ڪوٽ لالو ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ عام کاڌي پيتي جون شيون چوٽ چڙھي ويون مزدور ۽ پورهيت طبقو فاقا ڪشي تي مجبور آھن اسٽنٽ ڪمشنر فيضگنج ظفر عباس عباسي ڪو به ايڪشن نه ورتو مسلسل احتجاج باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو احتجاج ڪندڙن علي بخش حميد ڪريم عوامي آواز کي ٻڌائيندي چيو ته مهانگائي  ايڏي ته وڌي وئي آھي جو اسان هڪ ويلي لا۽ پريشان آھيون هنن ٻڌايو ته اٽو 70 روپيه ڪلو گيھ 200 پٽاٽو 60 بصر 60 پالڪ 100 دال مڱ 200 دال ڇڻا 250 چڻا صابت 300 مڇي 400 وڏو گوشت 400 مرغي 250 ۽ ٻين  کاڌي پيتي جي شين ۾ ھٿرادو مهاگائي ڪئي وئي آھي جڏھن ته اسٽنٽ ڪمشنر  فيضگنج انهن دڪاندارن خلاف ڪا به ڪاروائي نٿو ڪري هنن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته اسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ هڪ پرائيوٽ ماڻھون رکيل آھن جيڪي شھري دڪاندارن کان اوڳاڙي ڪندا آھن ۽ عام کاڌي پيتي شين جون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن سان ٻٽ بڻيل آھن رهواسين اعلي وس وارن عملدارن ڊي سي خيرپور ميرس وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪندي چيو ته انهن ھٿرادو ڪندڙن دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.