خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.

پشاور، مالا ڪنڊ، مانسهرا، سوات، چارسدا، دير ۽ صوابي سميت مختلف علائقن ۾ زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو گهرن ۽ عمارتن کان ٻاهر نڪري آيا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ميرپور آزاد ڪشمير ۾ وري زلزلو، هڪ ڄڻو فوت

پاڪستان ميٽرولوجيڪ ڊپارٽمينٽ (پي ايم ڊي) موجب زلزلو 3 لڳي 44 منٽن تي آيو ۽ ان جي شدت 5.2 هئي، جڏهن ته ان جي گهرائي 180 ڪلو ميٽر هئي.

پي ايم ڊي موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ ڪوه هندوڪش ريجن هو.

شروعاتي طور زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.


واضح رهي ته 24 سيپٽمبر تي آزاد ڪشمير سميت پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ آيل زلزلي سبب شروعاتي طور 25 ڄڻا فوت ۽ لڳ ڀڳ 4 سئو زخمي ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 40 تائين وڃي پهتو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان زلزلي سبب متاثر ٿيندڙن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي ميرپور جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي هئي.

سندس چوڻ هو ته مان گڏيل قومن ۾ هيس ته زلزلي جي خبر پئي ۽ ڏاڍو ڏُک پهتو، مان فوري طور هتان جو دورو ڪرڻ پئي چاهيو پر آمريڪا مان واپسي ۾ دير ٿي.

هن چيو هو ته حڪومت متاثرن جي بحالي لاءِ هڪ پيڪيج جوڙي رهي آهي ۽ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

3 ڏينهن اڳ آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور ۽ ڀرپاسي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا ۽ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.