ڊجيٽل ميڊيا ۽ ڄاڻ تائين رسائي بابت ايندڙ وقت جون گهرجون

حسيب لطيفي

پاڪستان ۾ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانپوءِ هاڻ ڊجيٽل ميڊيا جو رجحان وڌي رهيو آهي، دنيا اندر معلومات جي رسائي وارن ذريعن ۾ اضافو ٿيو آهي، هاڻ هر ڪو ماڻهو ڪنهن به جڳهه تي دنيا جي حالتن کان باخبر رهي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ به هاڻ ڊجيٽل آن لائن جو استعمال وڌي رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي وڌندڙ ۽ موبائيل فون انٽرنيٽ اچڻ ڪري هن وقت ڊجيٽل ميڊيا پنهنجي جگهه وٺي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت هر ماڻهو موبائيل انٽرنيٽ هلائيندڙ آهي، جيڪو هر قسم جا پروگرام پنهنجي موبائيل ذريعي پاڻ ٺاهي سگهي ٿو ۽ ان کي فيسبڪ، پنهنجي يوٽيوب چيئنل سميت سوشل ميڊيا جي مختلف ذريعن جي آڌار تي دنيا آڏو رکي پنهنجو پيغام هزارين ماڻهن تائين با آساني پهچائي سگهي ٿو، هن وقت صحافين لاءِ موبائيل جرنلزم هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جنهن ذريعي گهٽ وسيلن ۽ خرچن کان آجو ٿي ڪري وڊيوز، اسٽوريز، انٽرويوز ۽ ٻيون معلومات وارو شيون سائونڊ رڪارڊنگ، وائيس اوور ۽ ايڊيٽنگ وغيرا به پنهنجي موبائيل ذريعي ڪري سگهجي ٿي، موبائيل جرنلزم هڪ آسان ۽ تمام گهڻو تيز معلومات جي رسائي جو ذريعو آهي، جنهن ڪري دنيا جي وڏن ميڊيا هائوسز پاران به ڊجيٽل ميڊيا جي استعمال لاءِ پنهنجا الڳ اسٽوڊيو ٺاهي ان کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، هاڻ ته اڪثر ٽي وي چئنلن پاران فيسبڪ، ٽوئٽر ۽ يوٽيوب ذريعي پنهنجيون ويب سائيٽ، يوٽيوب چئنل ۽ پيج ٺاهي پنهنجي چينل کي سوشل ميڊيا تي آندو ويو آهي.

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين کي ڊجيٽل ميڊيا ۽ ان جي استعمال جي حوالي سان هڪ ڏينهن واري ٽريننگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي درست استعمال ۽طريقيڪار بابت سکيا ڏني وئي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ نيبر هوڊ فار ميڊيا انوويشن(جي اين ايم آئي) پاران ڊجيٽل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان فيلڊ دوران صحافين کي جديد تربيت فراهم ڪئي وئي ۽ کين اهڙا گُر سيکاريا ويا جيڪي فيلڊ ۾ صحافين لاءِ مددگار ثابت ٿيندا، ٽريننگ ۾ صحافين انٽرويو پروڊڪشن جا تجربا به ڪيا، جنهن ۾ صنفي امتياز ۽ تشدد جي حوالي سان مسئلا بحث هيٺ آيا.

ان دوران صحافين کي سکيا ڏيندڙ ملڪ جي نامياري صحافي ۽ جي اين ايم آئي جي صدر ناجيه اشعر جو چوڻ هو ته ايندڙ وقت ڊجيٽل ميڊيا جو آهي، جنهن لاءِ آگاهي ڏيڻ انتهائي لازمي آهي، صحافين کي ڊجيٽل ميڊيا تي اهڙا عوامي مسئلا، اسٽوريز ۽ انٽرويو ڪرڻ گهرجن جيڪي انٽرنيٽ تي ڏسندڙن جي توجهه جو مرڪز هجن.

هاڻ هر ڪو ماڻهو پنهنجو پيغام آساني سان ٻين تائين پهچائي سگهي ٿو، ڪيترن ئي ماڻهن پاران يوٽيوب تي پنهنجا چئنل ٺاهيا ويا آهن، هن وقت جديد ڊجيٽل دور ۾ سياسي پارٽين به سوشل آڪائوٽ ٺاهي ان کي پنهنجي مخالف لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان اندر به تقريبن هر وڏي پارٽي وٽ پنهنجو سوشل ميڊيا جو شعبو موجود آهي.

جتي سوشل ميڊيا جي ڪري ڄاڻ جي جديد طريقن ۾ اضافو ٿيو آهي اتي سوشل ميڊيا جو غير مناسب استعمال سميت غلط ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ اجائي واويلا مچائڻ وارو رجحان به وڌيل آهي، ان ڪري سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪرڻ به وقت جي ضرورت آهي.

وقت جي سب کان وڏي ضرورت پئسو هوندو آھي پنهنجي موبائيل ذريعي پنهنجي پروفيشنل وڊيو ٺاهي پنهنجي يوٽيوب آڪائونڊ ذريعي پئسا پڻ ڪمائي سگهجن ٿا جيڪو ڪڏهن ڪڏهن انسان جي مجبوري به بڻجي ويندو آھي پر جڏهن اوهان جي آمدني شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.