” ورات ! بدقسمتي سان اڄ اسان جو ڏينهن نه هو“

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ هٿان ورلڊ ڪپ ۾ شڪست کانپوءِ بالي وود جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي جي نالي پيغام لکيو آهي.

نيوزيلينڊ هٿان هار ۽ عالمي ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ تي جتي سڄو ڀارت افسوس ڪري رهيو آهي اتي بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڀارت ڪپتان ڪوهلي کي ٽوئيٽر تي دلاسو ڏيندي لکيو ” ويرات! بدقسمتي سان اڄ اسان جو ڏينهن نه هو.

مسٽر پرفيڪشنسٽ لکيو ته مون لاءِ ڀارت پهريان ئي عالمي ڪپ کٽي چڪو هو جڏهن ان رينڪنگ چارٽ تي ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي هئي.  عامر خان ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته منهنجي خواهش هئي ته ميچ دوران برسات نه ٿئي پر نتيجو مختلف آيو آهي.  پر ڪا ڳالهه ناهي توهان سڀني ڏاڍي سٺي ڪرڪيٽ کيڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.