مڪاني نظام جو مسودو منظور…..

مڪاني نظام ۾ ميئر ۽ اسپيڪر جي لاءِ تعليم جي شرط ختم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر طرفان ترميمون رد ڪرڻ جي باوجود نئين مڪاني نظام جو مسودو قانون منظور ڪيو ويو.

تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ نئين مڪاني نظام جو مسودو قانون منظور ڪيو ويو آهي، ۽ منظور ڪيل بل اڄ ئي پنجاب جي گورنر کي منظوري لاءِ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گورنر جي منظوري ۽ گزٽ نوٽيفڪيشن ٿيندي ئي مڪاني ادارا ٽٽي ويندا.

مخالف ڌر بل جي منظوري خلاف ايوان جي اندر بيچن تي بيهي ڀرپور احتجاج ڪيو، ترميمون رد ٿيڻ تي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون ۽ ايوان ۾ هنگامو ڪندي نئون مڪاني نظام نامنظور جا نعرا به هنيا.

پنجاب حڪومت موجب منظور ڪيل بل پنجاب جي گورنر جي منظوري مڪاني ادارن جي ٽٽڻ بعد مڪاني ادارن جي هڪ سال جي اندر چونڊ ڪرائي ويندي، نئين چونڊ تائين مڪاني ادارن ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر هوندا، مڪاني ادارن کي چاليهه ارب جي بجيٽ ڏني ويندي، جڏهن ته 22 هزار ويليج ڪونسلز قائم ٿينديون، 138 تحصيل ڪونسلز جي چونڊ ٿيندي.

منظور ٿيڻ واري بل جي مسودي موجب نئين نظام ۾ ويليج ڪونسلز ۽ شهرن ۾ پاڙي واري ڪونسل جي چونڊ غير جماعتي بنيادن تي ٿيندي، تحصيل ۽ ميونسپل جي سطح تي چونڊون جماعتي بنيادن تي ٿينديون، سياسي پارٽيون مڪاني چونڊن جي لاءِ پنهنجو پنهنجو پينل ڏينديون، بل جي تحت تحصيل ۽ ويليج ڪونسل جو نظام قائم ٿيندو. بل جي منظوري کان پوءِ ضلعي ڪونسل ۽ يونين ڪونسل جو نظام ختم ٿي ويندو، شهرن ۾ ميونسپل ۽ پاڙو ڪونسلز جڏهن ته ٻهراڙين ۾ تحصيل ۽ ويليج ڪونسل هوندي، ويليج ڪونسل ۽ پاڙو ڪونسل ۾ فري لسٽ اليڪشن ٿيندي، وڌيڪ ووٽ کڻڻ وارو چيئرمين هوندو.

بل جي متن ۾ لکيل آهي ته لوڪل گورنمنٽ تحصيل ڪونسل، ويليج ڪونسل، نيبر هڊ ڪونسل، ميونسپل ڪاپوريشن ۽ ميٽرو پوليٽن تي ٻڌل هوندي، پنجاب جي 9 ڊيزنل هيڊ ڪوارٽرز کي ميٽروپوليٽن جو درجو ڏنو ويندو، ميٽرو پوليٽن اسيمبلي جو انگ وڌ کان وڌ 55 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 8 هوندو، مڪاني نظام ۾ ميئر ۽ اسپيڪر جي لاءِ تعليم جي شرط ختم ڪئي وئي آهي، مڪاني اسيمبلي جو اسپيڪر ڪنوينر چورائيندو.

بل موجب مڪاني ادارن جو مدو چار سال ڪيو ويو آهي، مڪاني نظام ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 25 سال مقرر ڪئي وئي آهي، اقليتي علائقي ۾ اقليتي نمائندا ئي چونڊ وڙهي سگهدنا، نوجوانن جون مخصوص سيٽون ختم ڪيو ويون آهن، ويليج ڪونسل ۽ نيبر هڊ ڪونسل جي اسيمبلين ۾ فيصلو شو آف هينڊ جي ذريعي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.