پاڪستان ۽ چين ۾ آزاد واپار سميت 6 ٺاهه، ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: عمران خان

بيجنگ ( م ڊ ) پاڪستان ۽ چين آزاد واپار سميت 6 ٺاهن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن.  وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين وزيراعظمن جي موجودگيءَ ۾ معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن جڏهن ته آزاد واپار ۾ معاهدن جي ٻئي مرحلي جي به منظوري ڏني وئي آهي. پاڪستان ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي جي پهرين فيز جي ڊيزائن ۽ حويليان ۾ سي پيڪ تحت ڊرائي پورٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ملاقاتن ۾ سامونڊي سائنس ۾ سهڪار وڌائڻ جي ايم او يو تي به صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي چيني صدر ۽ وزيراعظم سان بيجنگ ۾ الڳ الڳ ملاقاتون ٿيون. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سرگرميون وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. بيجنگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته آزاد واپاري معاهدي سان پاڪستان لاءِ واپار جا دروازا کلي ويا، معاهدي کانپوءِ پاڪستان کي آسيان ملڪن جي طرز تي رعايت هوندي، پاڪستان جي 90 سيڪڙو برآمد تي چين کي ڊيوٽي فري رسائي ممڪن هوندي.  هن چيو ته پاڪستان ۽ چين 75 سيڪڙو ٽيرف لائنز جي ڊيوٽي فري پهچڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، پاڪستان جي چين لاءِ برآمد پنج سال ۾ ساڍا 6 ارب ڊالر وڌڻ جو امڪان آهي. عبدالرزاق دائود چيو ته ڊيوٽي جي ڇوٽ رڳو ٽيڪسٽائيل شين تائين محدود ناهي پر ڪيميڪل، انجنيئرنگ، فوڊ آئٽمز، فٽ ويئر ۽ پلاسٽڪ جي شين جي برآمد تي به ڊيوٽي فري هوندي.  جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ م ريلوي جي ٺاهه ايم ايل ون تي صحيحون ٿي ويون آهن جنهن تحت پشاور کان ڪراچي تائين ريلوي ٽريڪ ٻٽي ڪئي ويندي.  وزيراعظم عمران خان ۽ چيني هم منصب لي ڪي چيانگ معاهدي تي صحيحون ڪيون.  نئين ٽريڪ تي ٽرين جي اسپيڊ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿيندي، ايم ايل ون منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي کان پشاور تائين جي سفر ۾ گهٽتائي ٿيندي. ريلوي وزير شيخ رشيد چيو ته 13 سال اڳ مان ئي ان رٿا جي فزيبلٽي تي صحيحون ڪيون هيون، منصوبي تحت پشاور کان ڪراچي تائين ٻٽي ٽريڪ بڻائي ويندي جنهن سان ٽرين جي اسپيڊ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي ويندي. وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان به ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفد جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.