جنيوا (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته پاڪستان جي موجودهه صورتحال گهري ڳڻتيءَ جو سبب آهي، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني کي سخت خطرو آهي.
جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تشدد جي واقعن ۾ واڌ ۽ وڏي پيماني تي گرفتارين جو خبرون پريشان ڪندڙ آهن.
هن چيو ته پاڪستاني حڪومت جو شهرين تي ڪيس هلائڻ لاءِ فوجي عدالتن جو استعمال ڳڻتي جوڳو آهي، اها عالمي حقن جي قانونن جي ذميوارين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
وولڪر ترڪ وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دعويٰ آهي ته پاڪستان کي مڪمل لاقانونيت ۾ ڌِڪيو ويو آهي.
محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان انساني حقن، جمهوري عمل، قانون جي حڪمراني جي احترام سان ٿيندو.
”پاڪستان ۾ تشدد ۽ گرفتارين جون خبرون پريشان ڪندڙ آهن: گڏيل قومون“
جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ جو چوڻ آھي ته پاڪستان ۾ تشدد جي واقعن ۾ واڌ ۽ وڏي پيماني تي گرفتارين جو خبرون نهايت پريشان ڪندڙ آهن.، عام ماڻھوءَ جي ڪا عزت ۽ اھميت ڪانهي!!!
هن چيو ته پاڪستاني حڪومت جو شهرين تي ڪيس هلائڻ لاءِ فوجي عدالتن جو استعمال ڳڻتي جوڳو آهي، اها عالمي حقن جي قانونن جي ذميوارين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.، ناجائز حڪمرانن هڪڙي قسم جي مارشل لا لڳرائي ڇڏي آھي. اليڪشن کان ڀڄڻ خاطر ڪري رھيا آھن.
وولڪر ترڪ وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دعويٰ آهي ته پاڪستان کي مڪمل لاقانونيت ۾ ڌِڪيو ويو آهي. هرهڪ پاڪستاني ظالمن جي انھيءَ ظلم جو شڪار بڻيل آھي. ڪنهن کي به حق جي آواز جي هڪ حرف ڳالھائڻ جي ڪا اجازت ڪونھي.
محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان انساني حقن، جمهوري عمل، قانون جي حڪمراني جي احترام سان ٿيندو. ليڪن فوجي ۽ سول حاڪم گڏجي عوام کي ڏنڏي جي زور تي هيسائي کين ڍورن جانورن وارو سلوڪ اختيار ڪيو اٿن. ظلم جي حد اورانگھي ڇڏيو اٿن. عام ماڻھو مجبور آھي!!!.ا