مٽياري ( ن ع آ ) مٽياري ويجھو ڳوٺ سکپور جي رھواسي پيرسن شاھ محمد سولنگي مٽياري ميڊيا ھائوس اڳيان احتجاج ڪندي الزام ھنيو آھي ته منھنجا پٽ مون کي ماري منهنجي کاتي واري 14 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، منهنجي 14 ايڪڙ زرعي زمين تي فصل پوکيل آهي جنهن تي منهنجا 2 پٽ صدام حسين ۽ حسن محمد قبضو ڪري ويٺا آهن ۽ مون کي منھنجو فصل کڻڻ نٿا ڏين چون ٿا ته فصل اسان کي کڻڻ ڏئي نه ته تو کي اسان ماري ڇڏينداسين منهنجا پٽ مونکي روز روز گهر ۾ اچي مار ڪٽ ڪن ٿا مون کي منهجي پٽن مان جان جو خطرو آهي، ايس ايس پي مٽياري ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مون کي تحفظ ڏنو وڃي منهنجي پٽن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ۽ مون کان انصاف ڪيو وڃي.