دريا خان مري ويجهو ماستر اغوا، 35 لک رپيا ڀنگ طلب

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري ويجهو ڳوٺ ڊاڪٽر فضل  مري مان گم ٿيل پرائمري  ماستر قمر عباس مري جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، ڌاڙيلن ماستر جي وارثن کان 35 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو.مغوي ماستر  جي سئوٽ سجاد مري ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته قمر عباس مري ٻن ڏينهن کان گم هو، ڌاڙيلن فون ڪري 35 لک رپيا ڀُنگ گهريو آهي.مغوي جي سئوٽ سجاد مري جو وڌيڪ چوڻ هو ته قمر عباس مري فون تي ٻڌايو ته کيس تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مون کي ڇڏايو نه ته ڌاڙيل قتل ڪري ڇڏيندا.هن جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن 35 لک رپيا ڀنگ گهريو اهي، اسان غريب آهيون، ايترا پئسا ڪٿان آڻيون.هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ماستر کي باذياب ڪرائي اسان جي بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.