نواب شاه (پ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد ، نورن ڪينسر ھاسپيٽل نواب شاھ ۽ روٽريڪٽ ڪلب نواب شاھ پاران گڏيل طور تي ڪينسر جھڙي موذي مرض کان بچاءُ جي حوالي سان ھڪ آگاھي سيمينار ملٽي پرپز ھال ۾ منعقد ڪرايو ويو.
يونيورسٽي جي ٻن شعبن ماليڪيولر بائيولاجي ۽ مائيڪرو بائيولاجي پاران ترتيب ڏنل ھن سيمينار ۾ نورن ڪينسر ھاسپيٽل نواب شاھ جي نالي واري طبي ماھر ليڊي ڊاڪٽر سردارخاتون چانڊيو شاگردن ۽ شاگردياڻين سان مخاطب ٿيندي چيو تہ ڪينسر هڪ تمام ڳنڀير بيماري آهي پر حقيقت ۾ ان جو هڪ علاج آهي، هي بيماري هاڻي لڪل ناهي ۽ اهم ڳالھ اها آهي ته خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ باقاعده وقتي چڪاسون ڪيون وڃن تہ بھتر ٿيندو.
هن چيو ته معاشري ۾ ليڊرز جي حيثيت سان استاد تي اها وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ان بيماري بابت پنهنجين شاگردياڻين ۽ شاگردن ۾ شعور پيدا ڪن ۽ ڪينسر جي مختلف بيمارين جي چڪاس، روڪٿام ۽ علاج جي ضرورت تي زور ڏين.
ان موقعي تي روٽري انٽرنيشنل جي ضلعي گورنر سيد تھذيب ڪاظمي، ماليڪيولر بائيولاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر نادر علي رند ۽ مائيڪرو بائيولاجي جي چيئرمين ڊاڪٽرسلمان رسول ۽ روٽريڪٽ ڪلب نواب شاھ جي صدر جنيد احمد آيل مھمانن ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو تہ ڪينسر جي روڪٿام ۽ علاج ۾ اهڙن قسمن جي پروگرامن ۽ جاڳرتا ريلين جي ضرورت آهي جن سان معاشري ۾ عورتون ۽ مرد ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيئي سگهن ٿا. رياست جي بہ ذميواري آهي تہ اھڙن قسمن جي جاڳرتا مھم ۾ سھڪار ڪن.
هنن چيو ته ڪينسر جي مرض جي سڃاڻپ ۽ علاج نه ٿي سگهي ته هي جسم جي ٻين حصن تائين پکڙجي سگهي ٿي.