اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت به تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي.
وفاقي حڪومت طرفان جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جو سربراهه آءِ ج ريلوي رائو سردار خان کي بڻايو ويو آهي ۽ جاچ ٽيم ۾ 5 آفيسر شامل آهن.
جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، انٽيليجنس بيورو ۽ ملٽري انٽيليجنس جا نمائندا به شامل آهن، جيڪا عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندي.