سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي: انڊيجينئس الائنس

ملير( ويب ڊيسڪ ) سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي جنرل باڊي جو اهم اجلاس، رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سيد خدا ڏنو شاه جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي قائم، سنڌ جي زمينن تي تيزي سان والار ۽ ڌارين جي آبادڪاري سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي.

اڳواڻن جو اجلاس کي خطاب، خبر موجب سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي جنرل باڊي جو هڪ اهم اجلاس سيد خدا ڏنو شاهه ۽ عبدالخالق جوڻيجو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ، وڪيلن ۽ الائنس جي ميمبرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال ۽ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي جدوجهد جو جائزو ورتو ويو.

انهي موقعي تي اجلاس کي سيد خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو حفيظ بلوچ، سارنگ جويو، حنيف دلمراد، يونس خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ انتهائي خطرناڪ صورتحال مان گذري رهي آهي، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڌارين جي تيزي سان آبادڪاري ڌرتي ڌڻين کان حق حاڪميت کسڻ ۽ کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي ، اسان انهن سازشن کي مسلسل جدوجهد ذريعي منهن ڏئي سگهون ٿا، جيڪڏهن خاموش رهياسين ته اسان کان ڌرتي ۽ وسيلا کسجي ويندا.

اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون کانپوءِ بحريا ٽائون 2 ، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ڪراچي کان ٺٽو، ڄامشورو  ۽ حيدرآباد تائين ميگا رهائشي اسڪيمون ۽ سامونڊي پٽي تي والار ۽ ڌارين جي آبادڪاري سنڌين لاءِ تباهي جا منصوبا آهن

هنن چيو ته مسلسل جدوجهد ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي، انڊيجينئس رئيٽس الائنس ۾ گهٽ تعداد ۾ ماڻهو هجڻ باوجود اسان ڪامياب تحريڪ هلائي ۽ سڄي دنيا تائين ڌري ڌڻين جو پيغام پهچايو.

انهي موقعي تي سيد خدا ڏنو شاهه جي اڳواڻي ۾ حفيظ بلوچ، سارنگ جويو، يونس خاصخيلي، حنيف دلمراد ۽ ڪليم دراني تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا مختلف علائقن ۾ رابطو ڪري ٽن مهينن ۾ چونڊون ڪرائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.