عمران پارليامينٽ جو حصو نه ٿو بڻجڻ چاهي، عدالت ڇو فيصلو ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدالت ٻين ادارن جو ڪ ڪرڻ بدران انهن کي فعال ڪرڻ چاهي ٿي، آئين تي عمل درآمد لاءِ عدالت هر اداري تي نظر رکي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ واپس اچي ٿي ته ڇا حڪومت ان سان گڏ ويهندي؟ ڇا عدالت نيب ترميمن جو معاملو واپس پارليامينٽ موڪلي ڇڏي؟ رڳو ايترو چئي ڇڏيو ترميمون ماضي کان لاڳو نه ٿينديون ته 90 سيڪڙو ڪيس ختم ٿي ويندو. وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ته پارليامينٽ وڃي نيب قانون جو ترميمي بل پيش ڪري سگهي ٿي، سياست بنا جمهوريت جو ڪو تصور ناهي  چيف جسٽس چيو عمران خان جي درخواست ۾ ٺوس حقيقتون نه هيون پر آئي ڏينهن ٺوس حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن ته ترميمن کانپوءِ ڪيس واپس ٿي رهيا آهن، هيل تائين 386 ڪيس واپس ٿي چڪا آهن.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليا تي به نظر رکڻي پوندي، سپريم ڪورٽ اهڙي شخص جو ڪيس ڇو ٻڌي رهي آهي  جيڪو پارليامينٽ کان ٻاهر آهي؟ عمران خان پارليامينٽ جي بحث جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو نه ئي ان جي فيصلن کي مڃي ٿو، عدالت ڇو ان شخص جي ڪيس جو فيصلو ڪري جيڪو پاڻ پارليامينٽ جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي؟ هڪ شخص جي فيصلن سان سڄو نظام منجمد ٿي رهيو آهي.03

اميد ته چيف جسٽس التوا هيٺ ڪيس ۾فيصلو ڏيندو:فواد چوڌري

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌريءَ چيو آهي ته اميد آهي ته چيف جسٽس اسان جي التوا هيٺ ڪيس ۾فيصلو ڏيندو.قومي اسيمبلي مان تحريڪ انصاف جي 34 ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته اسان جون استعيفائون منظور ڪرڻ جون مهربانيون پر جيستائين اوهان 70 ٻيون استعيفائون قبول نه ٿا ڪريو، تيستائين ليڊر آف اپوزيشن ۽ پارلياماني پارٽي جا عهدا تحريڪ انصاف وٽ ئي هوندا، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي به تحريڪ انصاف جو حق آهي.هن جو چوڻ هو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هن ڏس ۾ اسان جي التوا هيٺ ڪيس ۾ فيصلو ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.