ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون جي مسلم اتحاد ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ گيس لڪيج سبب ڌماڪو ٿيو.
ريسڪيو ذريعن موجب گئس ليڪيج جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 5 ٻار به شامل آهن.
فوتين جا لاش سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيا ويا.