ايراني عورتن چئن ڏهاڪن بعد مردن جي فٽبال ميچ ڏٺي

تهران (م ڊ ) ايراني عورتن ڪيترن ئي ڏهاڪن بعد تهران جي اسٽيڊيم ۾مردن جو هڪ فٽبال ميچ ڏٺو آهي، حڪومت پاران کين اها ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. سن 1979 ع ۾اسلامي انقلاب بعد عورتن تي اسٽيڊيم ۾وڃي مردن جي ميچ ڏسڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي. ايران ۾فٽبال راند ۾جنسي امتياز جو معاملو ان وقت عالمي سطح تي منظر عام تي آيا جڏهن سحر خداياري نالي ناري ان عدالت ٻاهران پاڻ کي باهه ڏني هئي جتي سندس خلاد مردن جي لباس ۾هڪ فٽبال ميچ ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي الزام ۾ڪيس هلڻو هو، واقعي جي هڪ هفتي بعد 29 ورهين جي سحر خداياري دم ڏئي ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.