عالمي ڪپ، پاڪستان ۽ انگلستان جي سرزمين

سرمد سولنگي

عالمي ڪپ

ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو 30 مئي 2019ع کان ڪرڪيٽ جي گهر انگلينڊ ۽ ويلز ۾ شروع ٿي رهيو آهي. دنيا جون ٽاپ ڏهه ٽيمون ٽائيٽل ماڻڻ لاءِ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون، عالمي ڪپ جي ڏهن ٽاپ ٽيمن ۾ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا، ميزبان انگلينڊ، پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ، بنگلاديش ۽ افغانستان جون ٽيمون شامل آهن. ايونٽ جي شروعات ٽيهه مئي تي ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي مئچ سان ٿيندي.

 

پاڪستان ٽيم

آسٽريليا هٿان هوم سيريز ۾ شرم جوڳي ڪارڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ ۾ موجود جتي پاڪستاني ٽيم کي عالمي ڪپ جي تيارين لاءِ انگلينڊ خلاف پنج ڏينهن وارين مئچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻي آهي ، انگلينڊ جي دوري جي شروعات واحد ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ شڪست سان ٿي، جنهن کانپوءِ اٺ مئي تي اوول جي ميدان تي کيڏيل پهرين پهرين ون ڊي مئچ ۾ برسات سبب ڪو به نتيجو نه ڏئي سگهي.سائوٿمٽن ۾ کيڏيل ٽئين ون ڊي ميچ ۾ انگلش بئٽنگ لائن اڳيان پاڪستاني بالر بيوس نظر آيا ۽ انگلينڊ هڪ ڀيرو وري جبل جيڏو ٽارگيٽ سيٽ ڪيو، 374 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني بيٽسمينن ڀرپور راند جو مظاهرو ڪيو پر گهٽ مارجن تان ميچ هارائي، ميچ ۾ آصف علي فخر زمان جنهن دليري سان انگلش بالرن جو مقابلو ڪيو ان سان ايندڙ ميچن ۾ نه رڳو کين پر پاڪستان ٽيم کي به وڏي مدد ملندي خاص طور فخرزمان جو فارم اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، فخر جو فارم ۾ هئڻ پاڪستان ٽيم لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته هي سيريز نه رڳو پاڪستان پر انگلينڊ لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو انگلش ٽيم کي عالمي ڪپ لاءِ موسٽ فيورٽ ٽيم قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن انگلش ٽيم هي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته پوءِ عالمي ۾ موجود ٻين ٽيمن لاءِ هڪ سخت ٽيم بڻجي سامهون ايندي( جيتوڻيڪ گذريل چئن ورهين دوران انگلينڊ هر ٽيم کي ٽف ٽائيم ڏنو آهي) پر جيڪڏهن ته پاڪستاني ٽيم هي سيريز پنهنجي نالي ڪري وڃي ته اها ڪاميابي کيس عالمي ڪپ پڻ وڏي مدد فراهم ڪندي جنهن سان رانديگرن جو مورال بلند ٿيندو ۽ عالمي ڪپ هڪ اهڙي ٽيم طور شرڪت ڪندي جنهن ورلڊ ڪپ لاءِ موسٽ فيورٽ قرار ڏنل ٽيم کي سندس ئي سرزمين تي هارايو آهي !

انگلينڊ جي دوري ۽ عالمي ڪپ جي پاڪستاني اسڪواڊ تي هڪ نظر

انگلنيڊ خلاف اعلانيل سترنهن ۽ عالمي ڪپ لاءِ پندرنهن رڪني اسڪواڊ مان لڳي ٿو ته ٽيم مئنيجمنٽ ڀرپور تياريون ڪيون آهن. انگينڊ خلاف سيريز ۾ اضافي رانديگرن ۾ محمد عامر ۽ آصف علي شامل آهن جڏهن ته عالمي ڪپ لاءِ جنهن پندرنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي ان ۾ فاسٽ بالر محمد عامر ۽ هارڊ هٽر بيٽسمين آصف علي شامل ناهن، ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه پاڪستان مداحن لاءِ حيرت جوڳي هجي پر جنهن ڪارڪردگي جو مظاهرو هي ٻئي رانديگر ڪري رهيا هئا. ان بنياد تي سندن ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ جا آثار وڌيڪ نظر اچي رهيا هئا، چيمپئينز ٽرافي 2017 جي فائينل ۾ پاڪستان جي ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ هن وقت تائين عامر جي ڪارڪردگي نهايت مايوس ڪندڙ رهي آهي. اوهان پاڻ اندازو لڳايو ته گذريل ٻن ورهين ۾ کيڏيل 14 هڪ ڏينهن وارين مئچن ۾ عامر رڳو پنج وڪيٽون ئي حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته آصف علي جولائي 2018ع ۾ ون ڊي ڊيبيو ڪيو ۽ هينئر تائين 12 ميچن ۾ 28.57 جي ايوريج سان 200 رنسون ٺاهيون آهن جنهن رڳو هڪ ففٽي اسڪور ڪئي اٿائين، ۽ اها ئي ڪارڪردگي آهي جنهن جي بنياد تي ٻنهي لاءِ عالمي ڪپ جا دروازا بند ڪيا ويا آهن، پر سندن لاءِ سڀ دروازا اڃا مڪمل طور بند ناهن ٿيا، عالمي ڪپ کان اڳ انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز لاءِ سترنهن رڪني اسڪواڊ ۾ کين شامل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن هو ذڪر جوڳي ڪارڪردگي پيش ڪن ٿا ته پوءِ سندن پهرين ڀيرو عالمي ڪپ کيڏڻ وارو خواب ساڀيان جو روپ ماڻي سگهي ٿو.

عالمي لاءِ چونڊيل اسڪواڊ ۽ متاثر ڪندڙ فيصلا

اعلانيل اسڪواڊ گڏيل طور تي برابر لڳي رهي آهي. جتي ٽيم ۾ موجود وسيلن کي استعمال ڪيو ويو آهي اتي رانديگرن جي فارم کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي. ان بنيادن تي ڏٺو وڃي ته هن ٽيم کان وڌيڪ بهتر ٽيم ترتيب ڏيڻ ناممڪن هو. عابد علي، شاهين شاهه آفريدي، ۽ محمد حسنين بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ ياد رکو ته عالمي ڪپ جهڙي وڏي ايونٽ ۾ تجربيڪار ۽ نوجوان رانديگرن جو گڏيل فارمولو به ڪم ڏيکاريندو آهي. پاڪستان آخري ڀيرو جڏهن عالمي ڪپ کٽيو هو ته اڪثر رانديگر نوجوان ۽ تجربيڪار هئا ۽ حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي جڏهن پاڪستان جي نهايت تجربيڪار ۽ وڏن رانديگرن کي عالمي ڪپ لاءِ چو نڊيو ويو ته تڏهين ٽيم جي ڪارڪردگي انتهائي بدترين رهي. 2003ع ۽ 2007ع وارا عالمي ڪپ ان جو وڏو مثال آهن. هاڻوڪي اسڪواڊ مان رڳو ڪپتان سرفراز احمد ۽ حارث سهيل ئي آهن جن گذريل عالمي ڪپ کيڏيو هو، باقي ڪو به رانديگرن 2015ع جي اسڪواڊ جو حصو نه هيو. سنڌ جي سهڻي شهر حيدرآباد سان واسطو رکندڙ 19 ورهين جي محمد حسنين جي شموليت تي ڪيئي حلقا حيران آهن ته جنهن اسڪواڊ ۾ عثمان شنواري، وهاب رياض ۽ محمد عامر کي جڳهه نه ملي، ان ۾ اهو رانديگرن ڪيئن شامل ٿي ويو؟ بنا ڪنهن شڪ وهاب رياض هن وقت بهترين فارم آهي، عثمان به ڪجهه عرصي کي سٺي راند پيش ڪري رهيو آهي جڏهن بقول هيڊ ڪوچ جي محمد عامر وڏين ميچن جو وڏو بالر آهي. پر 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کي ڇهندڙ حسنين عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان جو اهم هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو. بئٽنگ ۾ عابد علي حيران ڪرڻ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آسٽريليا خلاف 112 رنسن جي اننگز سان پنهنجي عالمي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ عابد علي تازو پاڪستان ڪپ ۾ به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.

 

سخت فيصلا

محمد رضوان جي چونڊ نه ڪرڻ تي ڪرڪيٽ حلقا حيران آهن جنهن جوسبب سندس تازي ڪارڪردگي آهي ۽ اها پڻ ته هو هڪ مڪمل فٽ رانديگر آهي. ٻنهي معاملن ۾ اڳتي رهڻ باوجود سندس عالمي ڪپ لاءِ چونڊ نه ٿيڻ جو سبب بنهه واضح آهي ته پاڪستان جي پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ رڳو هڪ وڪيٽ ڪيپر جي گنجائش هئي. جيڪڏهن بيٽسمين جي حيثيت سان به رضوان کي شامل ڪيو وڃي ته هڪ آل رائونڊر جي قرباني ڏيڻي پوي ها جنهن سبب هڪ مضبوط اسڪواڊ چونڊڻ ڏکيو ٿي وڃي ها! جيڪڏهن فٽنس ٽيسٽ پاس نه ڪندڙ عماد وسيم کي چوندڻ جو فيصلو نه ڪيو وڃي ها ته پوءِ رضوان جي جاءِ ٺهي سگهي پئي پر مسئلو اهو ئي آهي ته وري هڪ اسپنر جي کوٽ محسوس ٿئي ها، جيڪا رسڪ پاڪستان کڻڻ لاءِ تيار نه هو.

 

اسڪواڊ ۾ ڪمزوري ڪٿي آهي

جيتوڻيڪ پاڪستان وٽ پروفيسر حفيظ ۽ شعيب ملڪ جهڙا تجربيڪار رانديگر موجود آهن جيڪي 2007ع وارو عالمي ڪپ به کيڏي چڪا آهن( حفيظ 2011ع جي عالمي ڪپ ۾ به ٽيم جو حصو هو) پر سندن موجودگي باوجود پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري مئچ ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪنهن به بيٽسمين جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي شعيب ملڪ، عماد وسيم، فهيم اشرف لوئر آرڊر ۾ سٺي بئٽنگ ڪري سگهن پر جديد ڪرڪيٽ ۾ اسان کي عبدالرزاق جهڙي رانديگر جي ضرورت آهي جيڪو اڪيلي سر هارايل بازي کي ڪاميابي ۾ بدلائڻ جو حوصلو ۽ صلاحيت رکندو هجي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته آصف علي تي ڪم نه ڪيو ويو، آصف علي تي ڪم ڪرڻ ضرورت هئي ڇاڪاڻ جو منٽن ۾ مئچ جو رخ مٽائڻ جي صلاحيت رڳو ان ۾ ئي نظر اچي رهي هئي. پر مسئلو اهو آهي ته نون رانديگرن کي ڀرپور موقعا نه ڏنا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مقابلي ۾ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهن ته کين ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ويندو آهي، آصف علي کي پي ايس ايل جي تازي ايڊيشن ۾ ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، سندس راند ۾ بهتري پڻ آئي آهي پاڪستان کيس عالمي ڪپ ۾ موقعو ڏئي فائدو حاصل ڪري پئي سگهيو بهرحال، محمد عامر وانگر هو به عالمي ڪپ کيڏڻ جو اميدوار ضروري آهي. انگلش ٽيم خلاف سيريز ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي کيس پڻ پاڪستان ٽيم آڻي سگهي ٿي.

شاداب خان جي بيماري ۽ ڪجهه سوال

شاداب خان ( بيماري سبب سندس عالمي ڪپ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي) ۽ عماد وسيم جي موجودگي ۾ ڇا ڪنهن ٽئين اسپنر جي کوٽ محسوس ٿيندي ؟ فاسٽ بالنگ يونٽ ۾ حسين علي، جنيد خان ۽ شاهين شاهه آفريدي مان ڇا اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي جيڪا ميزبان انگلينڊ، دفائي چيمپيئن آسٽريليا، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزلينڊ کي پنهنجن فاسٽ بالرن مان آهي؟ انهن مان ڪافي سوالن جا جواب اڻويهه مئي تائين انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ ئي ملي ويندا. اميد اها ئي آهي ته هن سيريز جو نتيجو پاڪستان کي حوصلو ڏيندو ۽ وڏي اعزاز ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ تيار ڪندو. باقي جيڪو ڪرڪيٽ جي معيار تي پورو لهندو، اهو ئي عالمي ڪرڪيٽ جو نئون حڪمران بڻجندو.

انگلستان جي سرزمين

انگلنيڊ ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ جو گهرو ڳانڍاپو آهي، جتي ڪيئي خوشگوار يادن جو سلسلو آهي اتي وري ڏکوئيندڙ واقعا به نمايان آهن. 1954ع کان 2019 تائين هڪ ڊگهو قصو آهي جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ مضمون نه پر ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي اهو ڪم ڪير ڪندو ؟ اهو سوال في الحال وقت ٿي ڇڏيندي اسان پاڪستان جي ويجهي ماضي ڏانهن اچون ٿا. پاڪستان ۽ انگلينڊ جا ڪرڪيٽ رشتا تمام تلخ ۽ ترش رهيا آهن، جتي هڪ ٽيم امپائرنگ تي سوال اٿاريو، ته ٻي بال ٽيمپرنگ جو الزام هنيو، پاڪ-انگلينڊ ڪرڪيٽ سيريز دوران ماضي ۾ پيش آيل واقعن تي نظر وجهجي ته ڪجهه واقعا تمام اهڙا آهن، جيڪي ڪڏهن به نٿا وسري سگهن، انگلش بالر اڃا رورس سوئينگ کان اڻ ڄاڻ هئا ته وسيم اڪرم ۽ وقار يونس ان جو شاندار استعمال ڪري رهيا هئا، جنهن جو جواب برطانوي جي ميڊيا بال ٽيمپرنگ جي الزام ۾ ڏنو جنهن تي وڏو گوڙ ٿيو ۽ پاڪستان تي ڪيترائي الزام لڳا ته امپائرن بال تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بعد ۾ انگلش بيٽسمين ايلن ليمب برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏنو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ ائين دوکو ڏيندا آهن، 1996ع ۾ ليمب پاڪستاني امپائر کان ڪيس هارائي ويو، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 129 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هو جڏهن ڪنهن ٽيم ميچ دوران کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مخالف ٽيم کي فاتح قرار ڏنو ويو، اوول ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن آسٽريلوي امپائر ڊيرل هيئر پاڪستاني ٽيم تي بال ٽيمپرنگ جو الزام هڻندي 5 پئنلٽي رنسن جو اشارو ڏنو، جنهن تي پاڪستاني ٽيم احتجاجن مئچ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد انگلينڊ کي فاتح قرار ڏنو ويو. ان واقعي بعد تڪراري امپائر 5 لک ڊالرن عيوض رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي. ان بعد 2010ع ۾ پيش آيل واقعي ڪرڪيٽ جي دنيا کي لوڏي ڇڏيو ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽرن محمد عامر، سلمان بٽ ۽ محمد آصف تي پابنديون لڳيون ۽ جيلون ڪاٽڻيون پيون، لارڊز ون ڊي سيريز ۾ انگلش بيٽسمين جوناٿن ٽراٿ ۽ پاڪستاني فاسٽ بالر وهاب رياض پاڻ ۾ وڙهي پيا، اهڙي ريت ڪيترائي واقعا پاڪ-انگلينڊ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٿي گذريا آهن.

خوشگوار يادون

1999ع جو عالمي ڪپ انگلينڊ ۾ ٿيو ، جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم کي آسٽريلوي ٽيم شڪست ڏني، 2009ع ۾ ٻيون ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ انگلينڊ ۾ کيڏيو ويو، پاڪستان عظيم ڪرڪيٽ يونس خان جي قيادت ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ جو فاتح بڻيو. 2017ع آخري چيمپيئن ٽرافي ڪرڪيٽ جي گهر انگلينڊ ۾ ٿي، جنهن ۾ پڻ پاڪستاني ٽيم سرفراز احمد جي اڳواڻي روايتي مخالف ڀارت کي هارائيندي ڪرڪيٽ جو چيمپيئن بڻيو. هاڻ هڪ ڀيرو وري انگلستان جي سرزمين تي عالمي ڪپ ٿي رهيو آهي، وڏن ايونٽن جو ريڪارڊ ۽ ناممڪن ممڪن بڻائيندڙ ٽيم پاڪستان ڇا هن دفعي پڻ ” سرپرائز“ ڏئڻ ڪامياب ٿي سگهندي تنهن لاءِ بس ٿورو انتظار…….!

 

You might also like