سئو کان مٿي عالمي رڪارڊ ٺاهيندڙ پاڪستاني کي رڳو 5 لک رپين جو چيڪ!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار سيد فخر جهان مارشل آرٽ، ماسٽر ۽ گنيز ورلڊ رڪارڊ رکندڙ عرفان محسود کي سندس خدمتن تي 5 لک رپين جو چيڪ ڏنو، عالمي رڪارڊ هولڊر راندين واري کاتي جي اهڙي رويي تي چيڪ واپس ڪري ڇڏيو.

100 کان مٿي عالمي رڪارڊ ٺاهيندر عرفان محسود ڪاوڙجي انعامي چيڪ واپس ڪيو.

هن چيو ته اسپورٽس عملدار عزت نٿا ڏئي سگهن ته ڪجهه پيسن لاءِ آفيس نه گهرائين.

سندس چوڻ هو ته آفيسر بارگيننگ ڪري رهيا هئا ته 2 لک ڏيون يا 3 لک، جيڪڏهن وٽن فنڊ نه آهن ته هي چيڪ ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ استعمال ڪن.

ايٿليٽ چيو ته نوڪري جي آڇ به ڪئي وئي هئي پر ايڏي گهٽ پگهار تي نوڪري بيعزتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.