آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽرافي پاڪستان پهچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ٻيو ڀيرو پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽرافيءَ جي مهورت سڀاڻي لاهور ۾ ٿيندي، ٽرافي سڀاڻي ميڊيا سيشن لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رکي ويندي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ دوران ميگا ايونٽ جي ٽرافي قذافي اسٽيڊيم پڻ آندي ويندي.
ان کانسواءِ ڇنڇر جي ڏينهن ٽرافي لاهور جي مختلف تاريخي هنڌن جي نمائش لاءِ رکي ويندي.
ياد رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندو،جڏهن ته ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ نوَ جون تي نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.