ڌاڻن ۾ مرگھي جي مرض سان ويڙهه ڪندڙ مرڪب دريافت

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ اوڀر ۽ يونان جي طب ۾ ڌاڻا ڊگھي عرصي کان مرگھي ۽ ٻين مرضن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. پر هاڻ آمريڪي ماهرن  ان ۾ هڪ اهم مرڪب دريافت ڪيو آهي جيڪو مرگھي جي مرض ۾ فائديمند ٿي سگھي ٿو.

يونيورسٽي آف ڪيليوفورنيا، اِروِن جي ماهرن چيو آهي ته ڌاڻن ۾ موجود هڪ اهم مرڪب (ڪمپائونڊ) مرگھي جي مريضن ۾ دوري ۽ ان جي شدت گھٽ ڪري سگھي ٿو.

سائنس ٻڌائيندي آهي ته مرگھي جي صورت ۾ جيڪي جهٽڪا ۽ دوران پوندا آهن ان ۾ سي اين ڪيو پوٽاشيئم چينلن جو ڪردار اهم هوندو آهي. ان ڪري ماهرن ڌاڻن جي پتن تي غور ڪيو ۽ هڪ اهم (ماليڪيول) دريافت ڪيو.

ڌاڻن ۾ ”ڊوڊيسينل“ دريافت ڪيو آهي جيڪو پوٽاشيئم چينل جي خاص حصن سان چنبڙي ويندو آهي ۽انهن کي کولڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، مرڪزي سائنسدان جيف ايبٽ موجب اهو اُهو مرڪب آهي جيڪو مرگھي جي جهٽڪن ۽ دورن کي روڪيندو آهي.

ماهرن موجب ”ڊوڊيسينل“ هڪ اهڙو ”پراسرار“ مرڪب آهي جيڪو مرگھي جي علاج ۾ استعمال ٿيندو آهي. ان سان مرگھي جي دورن کي روڪڻ واري دوائون ٺاهڻ ۾مدد ملندي. پر هن وقت ڪنهن به دوان جي منزل پري آهي ۽ دوا ٺاهڻ ۾ وڌيڪ ڪجهه سالن جو عرصو لڳي سگھي ٿو.