آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳي ته ڪمپني ڪهڙو قدم کڻندي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) بائيٽ ڊانس فيصلو ڪيو آهي آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بعد سوشل ميڊيا ايپ کي وڪرو ڪرڻ بجاءِ بند ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي.
اهڙي دعويٰ خابرو اداري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪئي آهي ته ٽڪ ٽاڪ جا الگورٿمز اپليڪيشن لاءِ اهم آهن، جنهن ذريعي ايپ کي وڪرو ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته هونئن ٽڪ ٽاڪ وڌيڪ مشهور آهي ۽ ان جي واهپيدارن جو انگ به هڪ ارب کان وڌيڪ آهي، پر ڪمپني ايپ ذريعي خساري ۾ آهي.
بائيٽ ڊانس کي آمدني جو ٿورڙو حصو ٽڪ ٽاڪ مان حاصل ٿيندو آهي، انڪري سوشل ميڊيا ايپ جي سرپرست ڪمپني بدترين حالتن جي باوجود آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ کي وڪرو ڪرڻ بجاءِ ان کي بند ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي.
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ جي بندش تي ڪمپني جي بزنس تي ٿورڙا گهڻا اثر پوندا، تنهنڪري ڪمپني ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي بنيادي الگورٿم کان هٿ نه کڻندي.
بائيٽ ڊانس طرفان هڪ ميڊيا پليٽ فارم تي به آمريڪا ۾ پابندي حوالي سان بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪمپني جو ٽڪ ٽاڪ وڪرو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
ياد رهي ته آمريڪا جي ايوان ۾ نمائندن 20 اپريل تي ايپ جي پابندي جو بل منظور ڪرايو هيو، جنهن بعد سينيٽ مان بل جي منظوري بعد صدر جي صحيح ٿيڻ بعد ايپ جي پابندي وارو بل قانون بڻجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.