پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور ( ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ تيز برساتن ۽ ڳڙي سبب سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽريننگ سيشن رد ڪيو ويو آهي.
لاهور جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي کانپوءِ ڪمشنر لاهور ايم ڊي واسا سميت سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ اڄ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽريننگ سيشن رٿيل جيڪو برسات سبب نه ٿي سگهيو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي لاهور ۾ شيڊيول آهي، موسميات کاتي سڀاڻي به لاهور ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڪيوي ٽيم کي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ٻه هڪ جي سرسي حاصل آهي، جيڪڏهن سڀاڻي ميچ برسات سبب نه ٿي سگهي ته مهمان ٽيم سيريز پنهنجي نالي ڪري وٺندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.