باڪسر عامر خان پاڪستاني حڪومت مان مايوس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ملڪ ۾ باڪسنگ جي حوالي سان غير سنجيدگي تي سوال اُٿاريندي باڪسنگ جي حالت تي مايوسي جو اظهار ڪيو .
پنهنجي بيان ۾ باڪسر عامر خان چيو ته ٻار باڪسنگ جي سکيا لاءِ رابطو ڪن ٿا پر هو حڪومت ۽ انتظاميا جي غير دلچسپي سبب سخت مايوس آهي.
سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان ايندو رهندو آهي، پهريان هتي اڪيڊمي هئي، پر اِها به بند ڪئي وئي.
هن چيو ته لکين رپين جي ماليت سان تيار ڪيل جِم پڻ تباهه ٿي چڪي آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ ته مان پاڪستان ۾ آهيان پر سڀاڻي انگلينڊ روانو ٿي ويندس ڇو ته مان ڏاڍو مايوس آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.