ڀارت ۾ مينهن جي تباهي، سوين ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ سخت مينهن کان پوءِ ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڏيڍ لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا.

ڀارت جي چار رياستن ۾ مينهن ۽ ٻوڏ سبب تباهي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ڄڻا گم به ٿيا ويا جڏهن ته ميانمار ۾ به مينهن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ مينهن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب گهٽ ۾ گهٽ 60 ڄڻا فوت جڏهن ته 200 کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا.

سڄي رياست ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا جنهن جي لاءِ 1300 کان وڌيڪ ريليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.

ڪيرالا جي پاڙيسري رياست ڪرناٽڪا ۾ به سخت مينهن جي نتيجي ۾ بدترين تباهي ٿي ۽ مينهن جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 30 ڄڻا فوت ۽ 14 گم ٿي ويا جڏهن ته انتظاميا 30 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري انهن جي لاءِ 1 هزار ريليف ڪيمپون قائم ڪري ڇڏيون آهن.

مهاراشٽر ۾ مينهن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا فوت ۽ 3 گم ٿي ويا جڏهن ته پاڙيسري رياست گجرات ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا.

ڏکڻ ايشيا هن وقت گڏيل طور تي سخت مينهن جي ور چڙهيل آهي جتي ڀارت، نيپال، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ گڏيل طور تي 227 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي ميانمار ۾ مينهن جي نتيجي ۾ هن وقت 53 ڄڻا فوت جڏهن ته 43 ڄڻن کي ريسڪيو ورڪرن بچائي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.