مزيدار ڳئون جا پاوا

شيون

پايا: 2 عدد (صاف ٿيل ۽ ٽڪرا ٿيل)

دهي: 2 پيالا

پيٺل ڳاڙها مرچ:1 کائڻ جو چمچو

 پيٺل ڌاڻا: اڍائي کائڻ جا چمچا

هلدي: اڌ کائڻ جو چمچو

پيٺل ادرڪ ۽ ٿوم: 1 کائڻ جو چمچو

ليمون: 2 عدد

ساوا ڌاڻا: (ڪٽيل) هڪ ڳٺي

بصر: (ڪٽيل) 2 عدد

ساوا مرچ: 4 عدد (باريڪ ڪٽيل)

لوڻ: حسب ذائقا

تيل: 2 پياليون

ترڪيب: سڀ کان پهرين پاين کي چڱي طرح ڌوئي صاف ڪيو. هڪ وڏي ديڳڙي ۾ لڳ ڀڳ اڌ کان وڌيڪ پاڻي ۽ ان ۾ ثابت ٿوم جون 2 ڳڙيون وجهي ان ۾ پايا وجهو ۽ اوٻارڻ  لاءِ رکي ڇڏيو. لڳ ڀڳ 7 ڪلاڪن تائين ان کي اٻرڻ ڏيو. جڏهن پايا چڱي طرح ڳري وڃن ته ن مان وڏيون هڏيون ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. گوشت ۽ هڏيون ڪڍي الڳ رکو ۽ يخني ڪنهن ٻي ٿانون ۾ چاڻي رکي ڇڏيو. ساڳي ديڳڙي ۾ تيل وجهي بصرن کي پچايو. بصر جڏهن پچي وڃن ته ٻاهر ڪڍي هلڪا پيسي وٺو. پيٺل بصرن ۾ سمورا مصالحا دهي سميت ملائي گيهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ان کي ڀڱيو. ان کان پوءِ ان ۾ پايا ۽ يخني وجهي هلڪي باهه تي تئي تي دم لاءِ رکي ڇڏيو. جڏهن تيل مٿي چڙهي اچي ته پايا تيار آهن ان جي مٿان سائو مصالحو ۽ ليمون جو رس وجهو. ان کان پوءِ جيترو وقت ان کي دم تي رکبو پايا اوترا ئي مزيدار ٿيندا.

You might also like