ڪوٽ راڌا ڪشن ڪيس ۾ پنجن جوابدارن جون ڦاهي خلاف اپيلون رد، ٽن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪوٽ راڌا ڪشن ڪيس جي جوابدارن جي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پنجن جوابدارن جي ڦاهي جي سزائن خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا مليل 8 جوابدارن سزا خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون جن مان ٽن جون اپيلون منظور ٿيون. لاهور هاءِ ڪورٽ سانحي ۾ ملوث جوابدار  رياض، عرفان، مهدي خان ۽ ٻين جي موت جي سزا برقرار رکي جڏهن ته حنيف، حافظ، اشتياق جون اپيلون منظور ڪندي کين بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس محمد قاسم خان جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

You might also like