فيسبڪ پرائيوسي ڊيٽا پروٽيڪشن جي جاچ شروع

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سوشل ميڊيا جي مشهور ترين ويب سائيٽ فيسبڪ تي واهپيدارن جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي 5 ارب ڊالر جو ڏنڊ لاڳو ٿيو  هو ۽ هاڻ ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا جي فيڊرل ٽريڊ ڪميشن ( ايف ٽي سي ) فيسبڪ پرائيوسي پروٽيڪشن جي جاچ ڪندي .

فسيبڪ ڪمپني موجب ايف ٽي سي هاڻ باظابطا طور تي واهپيدارن جي پرائيوسي جي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آمريڪي اينٽي ٽيسٽ لا جي ڀڃڪڙي تي جاچ ڪندي.

ياد رهي ته واهپيدارن جي پرائيوسي جو تحفظ نه ڪرڻ تي فيسبڪ تي 5 ارب ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو.

آمريڪي فيڊرل ٽريڊ ڪميشن موجب واهپيدارن جي پرائيوسي ڀڃڪڙي تي ڪنهن ڪمپني مٿان لاڳو ڪيل اهو هينئر تائين جو سڀ کان وڏو ڏنڊ آهي.

ان کانسواءِ اهو ڪنهن به ڀڃڪڙي تي آمريڪي حڪومت طرفان لاڳو ڪيل ڪجهه سڀ کان وڏن ڏنڊن منجهان هڪ آهي.

فيسبڪ تي 5 ارب ڊالر جو جرماڻو آمريڪي اختيارين ۽ فيسبڪ انتظاميا وچ ۾ هڪ معاهدي جو نتيجو آهي جنهن تحت فيسبڪ پنهنجي بورڊ آف ڊائريڪٽر اندر هڪ پرائيوسي ڪميٽي جوڙيندي .

ان قدم سان پرائيوسي بابت فيصلن تي فيسبڪ جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ جو ڪنٽرول ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

فيڊرل ٽريڊ ڪميشن جي چيئرمين جو سمنز جو چوڻ آهي ته فيسبڪ طرفان ذاتي معلومات جي غلط استعمال جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ 5 ارب ڊالرن جو ڏنڊ مناسب آهي.

You might also like