فيسبڪ طرفان ايندڙ سال تائين ڊيجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جو امڪان

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ ايندڙ سال پنهنجي ڊيجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ ۾ مصروف آهي.  شروعات ۾ ڊيجيٽل پيمنٽ جو اهو نظام ڪجهه ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو.

فيسبڪ 2020ع ۾ پنهنجي ڊيجيٽل ڪرنسي گلوبل ڪوائن جي نالي سان واهپيدارن لاءِ پيش ڪندو.

فيسبڪ جي باني مارڪ زڪربرگ ڪرپٽو ڪرنسي متعارف ڪرائڻ بابت بئنڪ آف انگلينڊ جي گورنر مارڪ ڪارني سان ملاقات پڻ ڪئي جنهن ۾ ان ڪرنسي بابت موقعن ۽ خدشن جي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ هاڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ سال تائين ڪرنسي کي متعارف ڪرايو ويندو.

فيسبڪ بڪ انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر جو مالڪ پڻ آهي ۽ اهو گلوبل ڪوائن جو پروجيڪٽ پنهنجي سمورن پليٽ فارمن تي بنا معاوضي اڪائونٽ جي سهي سلامت ڏي وٺ لاءِ ڪري رهيو آهي.

لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس جي محقق بٽ گيرڪ بليمين جو چوڻ آهي ته اهو گلوبل ڪوائن پروجيڪٽ ڪرپٽو ڪرنسي جي مختصر تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت رکندڙ ثابت ٿيندو.

You might also like