چڪن پزا

شيون:

ميدو: 8 اونس

آئل: 2 چانهه جا چمچا

خمير:  1 چانهه جو چمچو

کنڊ: 1 چانهه جو چمچو

لوڻ: 1 چانهه جو چمچو

پيٺل رائي: 1 چانهه جو چمچو

اُٻريل ڪڪڙ جو گوشت: 1 ڪوپ

آئل: 4 کائڻ جا چمچا

ٽماٽو ڪيچپ: 4 کائڻ جا چمچا

پاڻي: اڌ ڪوپ

طريقو:

خمير کي پاڻي ۾ گڏايو ۽ 10 منٽن تائين ڇڏي ڏيو پوءِ ان ۾ ميدو، لوڻ، کنڊ ۽ 2 چانهه جا چمچا گڏائي ملايو. پوءِ ماني ٺاهي نرم ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو ڀلي ڦولجي ٻيڻو ٿي وڃي . هاڻ مرغي ۾ سمورا مصالحا گڏايو.

تيل گرم ڪيو ۽ ان ۾ مرغي کي تريو. پوءِ ڪيچپ وجهي گهاٽو گهاٽو ڀڄي وٺو، ماني پزا ٽرائي ۾ رکو. ٿورو ٽماٽو ڪيچپ ڦهلايو آخر ۾ پنير جا ٽڪرا ڦهلائي ڇڏيو. اوون ۾ اڌ ڪلاڪ تائين رکيو  عمده چڪن پزا تيار آهي.

You might also like