عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سائيڪلون سبب ڀارت ۾ برساتن جو امڪان

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سائيڪلون سبب ڀارتي سامونڊي علائقن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

نئين دهلي سميت ڀارت جي مختلف علائقن ۾شديد گرمي جي لهر جاري آهي ۽ پارو 47 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي موسميات کاتي موجب نئين دهلي ۾ گذريل ڏينهن معمول کان وڌيڪ گرمي پد 46 ڊگري ريڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ پارو 47 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ مٽي جي طوفان ۽  هلڪي برسات جو امڪان آهي.

ڀارتي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سائيڪلون ۾ تبديل ٿي ويندو، جنهن سبب ڪيرالا سميت ڀارتي جي سامونڊي رياستن ۾ برسات جو امڪان آهن.

You might also like