سستو ۽ سولو گهريلو پاڻي صحت لاءِ زم زم کان گهٽ ناهي!

مڱن جي دال هڪ اهڙي خوراڪ آهي جيڪا پنهنجي ذائقي جي ڪري ٻارن توڙي وڏي عمر جي ماڻهن کي تمام گهڻي پسند هوندي آهي، مختلف فائدن سميت اها دال جلدي هضم ٿيڻ جي ڪري ننڍن ٻارن کي شروعاتي خوراڪ طور به ڏني ويندي آهي، بخار ۽ ٻين بيمارين ۾ جتي ڪو به کاڌو ناهي وڻندو اتي اها دال وڏي شوق سان استعمال ڪئي ويندي آهي.

مڱن جي دال پروٽين حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو هجڻ سان گڏ امائنو ايسڊ ۽ ڪاربوهائڊريٽس جي ججهي مقدار جي ڪري توانائي حاصل ڪرڻ جو به اهم ذريعو آهي. انکانسواءِ ان ۾ مگنيشيم، آئرن، زنڪ ۽ پوٽاشيم سميت ڪيترائي وٽامنز ۽ منرلز موجود هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مڱن جي دال کائڻ سان گڏ ان جي پاڻيءَ جا به صحت لاءِ انيڪ فائدا آهن جن جو اڄ اسان هتي ذڪر ڪنداسين.

جواني برقرا رکڻ

مڱن جِي دال جي پاڻي ۾ آڪسيڊيٽو خاصيت جي ڪري جسم ۾ پيدا ٿيندڙ دٻاءَ واري ڪيفيت به بهتر ٿيندي آهي جنهن جي ڪري انسان جي جسم تي عمر جا اثر ٿيڻ گهٽجي ويندا آهن، روز هڪ ڀيرو اهو پاڻي پيئڻ سان ماڻهو وڌندڙ عمر جي اثرن کان محفوظ رهي ڊگهي عمر تائين جوان رهندو آهي.

بلڊ پريشر جا فائدا

مڱن جي دال ۾ مختلف جُز هجڻ ڪري اها هاءِ بلڊ پريشر کي گهٽائڻ ۾ به وڏي مدد ڏيندي آهي ۽ جسماني توانائي بحال ڪندي آهي،  اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر گهڻي بلڊ پريشر واري مريضن ۽ بخار ۾ مبتلا ماڻهن کي مڱن جي دال کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن.

ڪوليسٽرول ۽ دل جي صحت

مڱن جي دال جو پاڻي تاثير جي حوالي سان تمام گهڻو محفوظ هوندو آهي جنهن جو باقائدگي سان استعمال نه رڳو بلڊ پريشر تي ڪنٽرول ڪري ٿو پر وڌيل ڪوليسٽرول ليول کي گهٽائي دل جي صحت بهتر ڪرڻ ۾ به وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي.

شگر جا فائدا

مڱن جي دال ۾ فائبر جو ججهو مقدار هجڻ ڪري ان جا فائدا ان جي پاڻي ۾ هوندا آهن، اهو پاڻي پيئڻ سان قبضي جي شڪايت ختم ٿيڻ سميت رت ۾ شگر جو مقدار به گهٽ ٿيندو آهي.

وزن ۾ لاٿ

وڌيل وزن مختلف بيمارين جو سبب هجڻ ڪري اڪثر ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب هجي ٿو جيڪي مڱن جي دال جو پاڻي پي ان مسئلي مان جند ڇڏائي سگهن ٿا، ان پاڻي ۾ پروٽين ۽ غذائيت جو ججهو مقدار هجڻ سان سڻڀ بلڪل به ناهي هوندو جنهن جي ڪري ان جو روزانو استعمال وزن گهٽائڻ ۾ به وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي. فائبر هجڻ ڪري مڱن جي دال جو پاڻي چرٻي کي ڳاري جسم مان ڪڍڻ لاءِ به وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي.

مڱن جي دال جو پاڻي ٺاهڻ لاءِ هڪ گلاس پاڻيءَ ۾ ٿوري دال وجهي گهٽ ۾ گهٽ چئن ڪلاڪن تائين پسائي رکو، انکانپوءِ دال کي پاڻيءَ سميت هلڪي باهه ايتري تائين پچايو جيستائين دال ڳري نٿي وڃي، دال ڳرڻ کانپوءِ انکي ڪنهن صاف ڪپڙي سان ڇاڻي اهو پاڻي پي سگهجي ٿو…

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.