اسلام ڪوٽ ۾درکڙڪائڻ تي پورهيت مٿان پوليس اهلڪار جو تشدد

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ شهر جي راجپوت پاڙي ۾ ٻڪريون پاسي واري گهر جو دروازو کليل هجڻ ڪري اندر ڪاهي پيون، جنهن تي  پورهيت لعل چند جوڳي دروازو کڙڪايو ته پوليس اهلڪار سهيل سرڪاري رائيفل کڻي ٻاهر نڪري پورهيت  کي تشدد جو نشانو بڻايو.پورهيت لال چند ڀڄي وڃي ڀرسان ستار ڏهوٽ جي اوطاق ۾ پناهه ورتي ته  اهلڪار اوطاق ۾ ڪاهي پيو ۽ هٿيار تاڻي ورتا،جنهن سبب افراتفري پيدا ٿي وئي. جوڳي برادري جي عورتن ۽ مردن پوليس اهلڪار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن دانهيو ته پوليس اهلڪار سرڪاري هٿيار تاڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون،اسين غريب مسڪين آهيون،انصاف ڪيو وڃي.ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل اهلڪار سهيل ۽ ساٿي مصري بجير کي پوليس گُهرائي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو  پر ڪا به ڪاروائي نه ڪئي.رابطي تي ايس ايڇ او قادر بخش بهراڻي ٻُڌايو ته جوڳين جي شڪايت تي اسان پوليس اهلڪار سهيل ۽ مصري بجير کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي،جوڳي برادري جي ماڻهن کي چيو آهي ڪاروائي ڪرائڻ چاهيو ٿا ته اين سي داخل ڪرائن،هن چيو ته پوليس اهلڪار چوي ٿو ته جوڳين جون ٻڪريون منهنجي گهر اندر داخل ٿيون، رُڳو منهن ماري ٿي آهي،باقي مون ڪجهھ ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.