ڪنري جي جهولي لعل فلور مل سسٽو اٽو فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪنري (ت ر) جهولي لعل فلور مل ڪنري کي سرڪاري ڪوٽا جي ڪڻڪ فراھمي باوجود عوام کي سستو اٽو فراهم نه ڪرڻ تي ڊي سي  عمرڪوٽ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ۾ مختيارڪار ڪنري، خوراڪ کاتي جا عملدار ميمبر طور شامل ڪيو ويو. ڊي سي پاران ڊي ايف سي عمرڪوٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري کي هدايت ڪئي ته جھولي لال فلور ملز جي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏني وڃي ته ھن وقت تائين سرڪاري سطح تي ۽ پرائيويٽ سطح تي ڪيتريون ڪڻڪ جون ٻوريون فراهم ڪيون ويون ۽ ڪيترو اٽو عوام کي وڪرو ڪيو ويو ۽ ھن وقت تائين ڪيترو اسٽاڪ پيل آهي. خوراڪ کاتي موجب جھولي لال مل کي ھر مھيني 25 ھزار مڻ کان مٿي ڪڻڪ فراھم ڪئي ٿي وڃي جڏھن ته ذريعن موجب 25 ھزار مڻ ڪڻڪ وٺڻ باوجود مل انتظاميا عوام کي سستو اٽو ڏيڻ بدران ٻين ضلعن ۽ شھرين ۾ وڪرو ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.