اڏيرولعل وليج (ن ع آ) مڪاني اليڪشن جي حوالي سان يوسي 29 اڏيرولعل وليج تي مشتاق شاھ جي پينل جي حمايت ۾ اڏيرولعل وليج يوسي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي جي ريلي اڏيرولعل کان دهلن، شرنائين ۽ ڊانسون ڪندي پوري شهر جو گشت ڪندي نعرن جي گونج سان شيدي برادري پاران رکيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کان پوء بيٺل ضلعي ڪائونسل جي اميدوار سردار شاھ يوسي چيئرمين شپ جي اميدوار اسفند يار شاھ ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار راشد راجپوت،ڪائونسلر جو اميدوار علي محمد قريشي ۽ آيل خصوصي مهمانن کي شيدي برادري جي اڳواڻن معشوق علي قمبراڻي ۽ محمد الياس قمبراڻي جن سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍائي شيدي برادري طرفان سيد مشتاق احمد شاھ جي پينل جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو.