ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ گهر پنهنجا جي رهواسين جو پراڻي تڪرار تان وچ شھر ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ھڪ ڌر جا قربان علي بوزدار، محمد حيات، ٻي ڌر جا رياض بوزدار، نورحسن بوزدار، زخمي ٿي پيا جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.