ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کان بچڻ لاءِ احتياط جي ضرورت

ڪجهه وقت کان ڪورونا جي ٻيهر پکڙجڻ جو خبرون سرحد پار کان اچي رهيون هيون پر هاڻي ته پنهنجي ملڪ ۾ به ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون ويرينٽ جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ اوميڪرون ايڪس بي بي ۽ ايڪس بي بي ون جا 8 ڪيس ظاهر ٿيا هئا. ڪورونا وائرس جا اهي ڪيس ڪراچيءَ جي ڊي ايڇ اي، شادمان هومز، طارق روڊ وارن علائقن ۾ ظاهر ٿيا هئا. جڏهن ته اين ايڇ آءِ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 5 هزار ٽيسٽون ڪيون ويون. جن مان 29 ٻيا نوان ڪيس ظاهر ٿيا  آهن، ڪورونا ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان سان سڄي ملڪ ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.

ڪورونا جي وبا هڪ ڀيرو ٻيهر گذريل سال چين کان شروع ٿي. جنهن سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن ڪري چين جي حڪومت کي ڪورونا جي وبا کان پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سخت فيصلا  ڪرڻا پيا. شهرن کي بند ڪري ماڻهن کي پنهنجن گهرن تائين محدود رهڻ جون هدايتون ڪيون ويون. ان وبا جي ڪيسن ۽ فوتگين ۾ تيزيءَ سان اضافو اچڻ ڪري چين جي اختيارين ميڊيائي ادارن کي ڊيٽا ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. ڪووڊ جي پابندين کان تنگ اچي چين جي شهرين جهنگن، سمنڊ، درياهه ۽ صحرا مان آمريڪا پهچڻ لاءِ خطرناڪ سفر ڪيو. جنهن تي 8 هزار ڊالر لڳا. چين کان ايندڙ مسافرن تي آمريڪا ۾ به پابنديون لڳيون.

ان سلسلي ۾ آمريڪا جو چوڻ آهي ته نئين سال 2023 جي جنوري مهيني جي 5 تاريخ کان چين، هانگ ڪانگ ۽ مڪائو کان ايندڙ سڀني مسافرن جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ منفي ٽيسٽ لازمي هوندي ته جيئن ڪورونا جي ان نئين قسم کي گهٽائي سگهجي. جڏهن ته آمريڪا جي صحت واري کاتي جو چوڻ آهي ته فضائي مسافرن جي روانگي کان 2 ڏينهن اڳ ڪووڊ جي ٽيسٽ لازمي هوندي جن ماڻهن اڏام کان 10 ڏينهن پهرين مثبت تجربو ڪيو، اهي منفي ٽيسٽ بدران ڪووڊ کان صحتياب ٿيڻ جا ڪاغذ مهيا ڪندا.

گذريل سال جي آخر ۾ چين مان شروع ٿيل ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون جي لهر ڏسندي ڏسندي اٽلي، جپان، ملائيشيا، تائيوان ۽ ڀارت تائين پکڙجي وئي.  انهن ملڪن ان وبا خلاف فوري تي قدم کڻي ان تي ضابطو آڻي ورتو ۽ هڪ وڏي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي ويا. چين ۾ شروع ٿيل ڪووڊ جي نئين قسم اوميڪرون ويرنيٽ جي ڦهلاءَ جي خدشي کي نظر هيٺ رکندي پاڪستان جي اعليٰ اختيارين هدايتون جاري ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو هو ته ٻاهرين ملڪن کان پاڪستان ايندڙ ماڻهن کي هوائي اڏن تي ٿرمل اسڪينرز مان گذاريو وڃي. ان کانسواءِ چئني صوبن ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ليبارٽرين ۾ جينوم سيڪيونيسنگ به شروع ڪيون ويون هيون ته جيئن امڪاني طور تي شروع ٿيندڙ اوميڪرون کي روڪي سگهجي. طورخم بارڊر تي پيرين پنڌ هلندڙن جي روزاني جي بنياد تي ويڪسينيشن ۽ اسڪريننگ ٽيسٽ به شروع ڪئي وئي هئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئجيمينٽ اٿارٽي( اين ڊي ايم اي) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) کي تعليمي ادارن، سماجي تقريبن ۽ اجتماعي ميڙاڪن لاءِ احتياطي تدبيرون جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪيون هيون ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس به ٿيو هو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪورونا جو نئون قسم اوميڪرون ظاهر ٿيو ته ان کي روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا.

اختيارين موجب ملڪ جي 90 سيڪڙو آباديءَ کي پهرين ئي ڪووڊ 19 جي بچاءَ کان ويڪسين لڳي چڪي آهي ۽ اها ان وبا کان محفوظ آهي. جڏهن ته اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز، آڪسيجن سپلائيز ۽ اينٽي وائرس دوائن جي مناسب مقدار ۾ دستيابيءَ کي يقيني بڻايو ويو آهي.

2019ع ۾ جڏهن ڪورونا جي وبا چين جي شهر ووهان کان شروع ٿي هئي. تڏهن عالمي ادارن جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس چيو هو ته هاڻي دنيا کي اهڙين وبائن سان جيئڻو پوندو  ۽ ان جي اها ڳالهه وقت بوقت صحيح ثابت ٿيندي رهي آهي. هاڻي جڏهن ڪجهه وقت اڳ چين ۾ هڪ دفو ٻيهر ڪورونا جي وبا شروع ٿي ته ان کان ٿورو وقت پهريان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته سياري جي موسم ايندي ئي ڪورونا جي هڪ نئين لهر اچي سگهي ٿي، جيڪا ڪووڊ جي موجوده قسم کان وڌيڪ موثر ۽ سگهاري هوندي. تنهنڪري صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او)دنيا کي خبردار ڪندي چيو  هو ته يورپ ۾ ان کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ ئي قدم کنيا وڃن ۽ صحت جي بنيادي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. ان تي يروپ ۽ آمريڪا عمل ڪيو. آمريڪا چين جي ڪورونا جي حالتن کي ڏسندي چين کان ايندڙ مسافرن تي پابنديون به لڳايون.

توڙي جو اسان جي ادارن ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کي نظر هيٺ رکندي ان کان بچاءَ لاءِ پهرين ئي ڪوشش ورتيون پر تنهن باوجود به ان جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جيڪي ڪراچيءَ ۾ تازا ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اهي چين ۾ هلندڙ ڪورونا وائرس جي قسم بي ايف 7 وارا ناهن.

ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون جي بچاءَ لاءِ حڪومت ته هر قسم جا اپاءَ وٺي رهي آهي پر اسان تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان به ان کان احتياط ڪيون. ڇو ته ان کان بچڻ لاءِ احتياط کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.