”ڪو دٻاءُ قبول ناهي، پاڪ – ايران گئس پائپ لائن تي فيصلو ملڪ جي مفاد ۾ ڪيو ويندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ – ايران گئس پائپ لائن تي هر فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ ڇا ٿو چئي، ان کي ڇڏي پاڪستان پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪندو، پاڪستان پنهنجي معاملن تي ڪنهن کي ويٽو جي اجازت ناهي ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪ – ايران گئس پائپ لائن جو معاملو پراڻو ۽ ڏکيو آهي پر هر فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ ڪيو ويندو، گئس پائپ لائن تي ڪنهن کي خدشا آهن ته اهو اسان جو مسئلو ناهي، اسان کي پنهنجا اندروني مسئلا ڏسڻا آهن ۽ ان حوالي سان ڪو دٻاءُ قبول ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.