نگران دور ۾ ڪڻڪ درآمد جي مڪمل ذميواري کڻان ٿو: انوار الحق ڪاڪڙ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته منهنجي دور ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو فيصلو ٿيو، ان جي مڪمل ذميواري کڻان ٿو.
ڪوئيٽا ۾ گهرو وزير محسن نقوي، وڏي وزير سرفراز بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مان ڪڻڪ جو معاملو ڪڏهن صوبن يا ڪنهن تي نه وڌو، 18هين ترميم کانپوءِ ڪڻڪ خريدي جي ڊيٽا صوبا گڏ ڪندا آهن.
هن چيو دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ڪڻڪ درآمد تي 85 ارب رپين جو فائدو ٿيو، ڇا اسان ڪا ڪوڪيج گهرائي هئي جو 6 مهينن ۾ ايڏو منافعو ملي ويو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.