پرينيتي ۽ رگهو جي طلاق جي اڳڪٿي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) شادي جي ڪجهه عرصي کانپوءِ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ سياستدان راگهو چڊا جي طلاق جون اڳڪٿيون ٿيڻ لڳيون آهن.
ڀارتي فلمي نقاد ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي پنهنجي اڳڪٿين جي سيريز جي سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي.
هو ايڪس اڪائونٽ تي ڪا به اڳڪٿي ڪرڻ کان اڳ ان جو نمبر پڻ لکندو آهي ۽ هاڻ سندن اڳڪٿين جو انگ سئو ٿي ويو آهي.
ڪمال راشد خان پنهنجي 100 هين اڳڪٿي ۾ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ راگهو چڊا جي طلاق جي اڳڪٿي ڪئي.
هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پرنيتي ۽ راگهو جي طلاق ٿي ويندي، ڇو جو هاڻ راگهو وٽ برطانيا ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي درخواست ڏيڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه آهي.
هن اِهو به چيو ته سياسي پناهه جي درخواست ڏيڻ لاءِ شرط هوندي آهي ته درخواست ڏيندڙ ٻيهر ڪڏهن به ڀارت نه اچي سگهندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ پرينيتي سياسي پناهه ڪڏهن به قبول نه ڪندي.
ياد رهي ته اداڪارا پرينيتي چوپڙا گذريل سال سپٽيمبر ۾ ڀارت جي سياسي پارٽي ” عام آدمي پارٽي“ سان واسطو رکندڙ راگهو چڊا سان پسند جو پرڻو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.