قصور ويجهو ڀارتي بارڊر فورسز جي فائرنگ، 2 پاڪستاني شهري شهيد، هڪ زخمي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب 2 غير هٿياربند پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز پاڪ-ڀارت عالمي سرحد تي قصور ڀرسان 3 پاڪستاني شهرين تي فائرنگ ڪئي.
لدڙ ڳوٺ جا 3 پاڪستاني شهري بارڊر پِلر کان ڪجهه قدم اڳتي وڌيا ته بي ايس ايف بنا ڪنهن وارننگ جي کين نشانو بڻايو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 شهري مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٽئي شهري غير هٿياربند هئا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ عظمت رسول ۽ محسن جٽ شامل آهن، جن جو تعلق جٽان والي حويلي لدڙ سان آهي.
ذريعن موجب، ڀارتي ميڊيا به فالس فليگ آپريشن واري روش برقرار رکندي معصوم شهرين کي درانداز قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٽنهي ماڻهن مان ڪنهن به بارڊر فينس پار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته شهرين تي ڀارتي فورسز جي فائرنگ بارڊر معاهدي ۽ ايس او پيز جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

You might also like