سنڌ ۾ 13 هزار کان مٿي ترقياتي رٿائون، 9 هزار 193 مڪمل ٿي ويون آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح ترقياتي رٿائن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ آهي، جيئن عوام کي انهن جا لاڀ جلد فراهم ٿي سگهن.
شرجيل انعام ميمڻ موجب، سنڌ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون ويون، جن مان 9 هزار کان وڌيڪ اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
سنڌ حڪومت جي سرڪاري انگن اکرن موجب، 2008ع کان 2026ع تائين 13 هزار کان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون شروع ٿيون، جن مان 9 هزار 193 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ روڊن جي اڏاوت ۽ بحالي جو ڪم پڻ جاري آهي، جڏهن ته جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام کي وڌائڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
سينيئر صوبائي وزير موجب، اورنج لائن ۽ ٻين ماس ٽرانزٽ منصوبن ذريعي عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ييلو لائن بي آر ٽي ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي.
هن چيو ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي موجب ييلو لائن منصوبي تي اڏاوتي ڪم جاري آهي.
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن.

You might also like