پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز، سريلنڪا 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)سريلنڪا ڪرڪيٽ پاڪستان جي دوري دوران شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اعلانيل15 رڪني سريلنڪن اسڪواڊ جي قيادت ڪوشال مينڊس ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪامل مشارا، سنٿ جَئه ورڌرني، لاھيرو اودارا، سهان اراچيگي، ڪمندو مينڊس ۽ داشن شناڪا شامل آهن.
ان کانسواءِ ٻين رانديگرن ۾ چمندو وڪراماسنگهي، دنيٿ ويلالاگي، مهيش ٿيڪشنا، وجيڪانتھ وياساڪنٿ، دشمانٿا چميرا، بينورا فرنينڊو، نوان تُشارا ۽ ايشان ملنگا به اسڪواڊ جو حصو آهن.

You might also like